ميهڙ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيل ٻارڙن جي ماءُ به صدمي ۾دم ڏئي ڇڏيو

ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ جي ڪاسائي پاڙي ۾ مبينا زھريلو کاڌو کائڻ بعد 14 ورھين جي طيبه شيخ ۽ 12 ورھين جو جنيد شيخ جي فوت ٿي ويو ۽ پي سڪندر شيخ، ڀاءُ جواد شيخ جي بيھوش ٿيڻ واري واقعي بعد فوتين جي امڙ 40 ورھين جي مسمات رضوانه سڪندر شيخ به صدمي ۾ فوت ٿي وئي آھي، فوتين جو انگ وڌي 3 ٿي  ويو آھي. ھڪ ئي گھر مان 3 جنازه نڪرڻ تي ڪھرام مچي ويو  ۽ علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇانيل رھي. جڏھن ته فوتين ۾ ماءُ، پٽ ۽ ڌيءُ جي جنازه نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان تدفين ڪئي وئي. بيھوش ٿيل گھر مالڪ سڪندر شيخ ۽ پٽ محمد جواد شيخ لاڙڪاڻي اسپتال مان صحت ۾ بھتري اچڻ بعد واپس گهر پهتا. ان سلسلي ۾ گھر مالڪ سڪندر شيخ پيش آيل واقعي بابت چيو آھي ته اسان گھر ۾ ڀاڄي ٺاھي سنڌو ھوٽل تان 13 نان وٺي آياسين کاڌو کائڻ کان ڪجهھ ڪلاڪ بعد الٽيون شروع ٿي ويون ۽ حالت خراب ٿيندي وئي. منھنجو 12 ورھين جو پٽ جنيد ۽ 14 ورھين جي طيبه شيخ فوت ٿي آهي، مون سميت منھنجو ٻيو پٽ جواد شيخ بيھوش ھئاسين اسان کي لاڙڪاڻي اسپتال پهچايو ويو. گهر ڌڻي  وڌيڪ ٻڌايو ته صدمي ۾ منھنجي گھر واري رضوانه فوت ٿي آهي، ھن مطالبو ڪيو ته معاملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي، اسان ڪنهن کي به گرفتار ناهي ڪرايو نه ئي ڪنهن تي الزام هنيو آهي.  جڏهن ته واقعي جو ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي نوٽيس ورتو، جنهن بعد  ميهڙ پوليس هوٽل تي چڙهائي ڪري هوٽل مالڪ سميت ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر دادو مختيار علي ابڙو واقعي جو نوٽيس وٺندي اسسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ غلام فاطمه گھلو جي سربراهي ۾ 5 رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آھي، جاچ ڪاميٽي ۾ ايم ايس تعلقي اسپتال ميھڙ، ڊي ايس پي ميھڙ ۽ فوڊ اٿارٽي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شامل ڪيا ويا آھن. جاچ ڪاميٽي جي سربراهه اسسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ غلام فاطمه گھلو تعلقي اسپتال پھچي فوتي ٻارڙن جي پوسٽ مارٽم دوران جائزو ورتو. تعلقي اسپتال ميھڙ جي ايم ايس ڊاڪٽر ھدايت علي کوسو چيو ته اسين ھن واقعي بابت پنج سينيئر ڊاڪٽرن جي ٽيم جوڙي آھي جيڪي ٻنھي فوتي ٻارڙن جي پوسٽ مارٽم ڪري رھيا آھن جڏھن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد موت جي ڪارڻ جي خبر پئجي سگھندي، ھن چيو ته مالڪ ٻارڙن جي پوسٽ مارٽم ڪرائي رھيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.