ڪراچي ۾ اهلڪار کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش، فائرنگ ۾ معصوم ٻارڙي زخمي

ڪراچي( رپورٽر ) سکن ٿاڻي جي حد بينس ڪالوني ۾ پوليس اهلڪار تي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.  جنهن جي نتيجي ۾ 3 سالن جي واٽھڙو ٻارڙي ڪلثوم زخمي ٿي پئي، پوليس اختيارين موجب هٿياربندن هيڊ ڪانسٽيبل ساجد بلوچ کان موٽرسائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اهلڪار مزاحمت ڪئي، جنهن تي هٿياربندن فرار ٿيڻ دوران فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ واٽھڙو نينگري ڪلثوم  زخمي ٿي پئي. هٿياربند پوليس اهلڪار کان موٽرسائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿي ويا، جڏهن ته اهلڪار کان پئسا ڦر ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس واقعي جون شاھديون گڏ ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڳولا شروع ڪري ڏني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.