اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي جهاز طرفان پولينڊ کان ڀارت واپسي تي پاڪستان جي فضائي حدن جي استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي.سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ذريعن موجب ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پولينڊ کان نئين دهلي وڃي رهيو هو ته جهاز صبح جو سوا 10 وڳي پاڪستان جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو ۽ 11 لڳي هڪ منٽ تي ڀارت ۾ داخل ٿيو.ذريعن ٻڌايو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جو جهاز 46 منٽن تائين پاڪستان جي حدن ۾ رهيو. ڀارتي وزيراعظم جو جهاز چترال جي مٿان کان پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيو. اسلام آباد ۽ لاهور جي ايئر ڪنٽرول ايريا مان گذريو. سول ايوي ايشن جي ذريعن ٻڌايو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جو جهاز لاهور مان ٿيندو امرتسر ۾ داخل ٿيو.
-
عمران خان جي ڪنن ۾ سيٽيون وڄڻ لڳيون
راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جو اڊيالا جيل ۾ طبي معائنو ڪيو ويو جنهن لاءِ شوڪت خانم اسپتال جا ڊاڪٽر اڊيالا جيل پهتا هئا. جيل ذريعن موجب ڊاڪٽر عاصم يوسف اڊيالا جيل ۾ عمران خان جو طبي معائنو ڪيو. پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن 8 آگسٽ تي طبي معائني جي درخواست ڪئي هئي، عدالت معائنو ڪرڻ ۽ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. ذريعن موجب عمران خان کي ڪجهه ڏينهن کان ٽنيٽس مرض جي شڪايت آهي، ٽنيٽس مرض سان مريض جي ڪنن ۾ سيٽيون وڄنديون آهن، مٿو ڳرو ٿيندو آهي ۽ چڪر ايندا آهن. ذريعن موجب کيس ان کان اڳ به اهو مرض ٿيو هو، سرڪاري ڊاڪتر جي معائني کانپوءِ عمران خان کي دوا ڏني وئي هئي. عمران خان جي ڊاڪٽر سرڪاري ڊاڪٽر جي دوا روڪي ڇڏي هئي.