قومي راڳي ٻيجل سنڌي جو لاڏاڻو فنڪارن جي علاج لاءِ ميڊيڪل پئنل جوڙڻ جي ضرورت

قومي راڳي ٻيجل سنڌي نيٺ اونئن ئي بي يارو مددگار واري حالت ۾ لاڏاڻو ڪري ويو جيئن عام طور سنڌي فنڪار گذاري ويندا آهن جن جي سرڪاري علاج لاءِ تمام گهڻو آواز اٿاريو ويندو آهي. اخبارن ۾ خبرون، مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکي سندن علاج لاءِ مطالبو ڪيو ويندو آهي. ٻيجل سنڌي جي علاج لاءِ به وڏي وقت کان مطالبو ٿي رهيو هو پر هن قومي راڳي کي پوءِ به علاج نصيب نه ٿي سگهيو.

سنڌ ۾ عام تاثر اهو هوندو آهي ته سنڌي فنڪارن جي زندگي بچائڻ لاءِ حڪومت وٽ پيسا ناهن هوندا باقي اردو ڳالهائيندڙ فنڪارن لاءِ وڏا فنڊ هوندا اٿن. اهڙو تاثر  اصولي طور تي نه جڙڻ گهرجي ۽ ان معاملي ۾ ثقافت کاتي کي سنجيدگي مان سوچڻ گهرجي.ثقافت کاتو هونئن ته فنڪارن کي ماهوار وظيفو ڏيندو آهي، اِهو وظيفو ڪيترو آهي، هن مهانگائي جي دور ۾ اهو ڪيترو هئڻ گهرجي يا وظيفي جي حقدارن جو معيار ڇا آهي، ان ۾ ڪهڙن فنڪارن کي ڪهڙي ڪسوٽي تي شمار ڪيو ويو آهي سي سوال به اٿندا رهيا آهن ۽ انهن سوالن جا يقينن ثقافت کاتي وٽ پنهنجي طور جواب به هوندا پر ان پاليسي کي حالتن پٽاندڙ بهتر ڪرڻ يا نظرثاني جي ضرورت آهي.

عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته اهي فنڪار جنهن لاءِ اهو تاثر هجي ته ان جو گهڻي وقت تائين زنده رهڻ ان فن ۽ ثقافت جي بقا لاءِ ضروري آهي جنهن کي هن پنهنجي انفرادي خدمتن ۽ ڪاوشن سان زنده رکيو آهي. اهڙن فنڪارن جي اهنجن سهنجن توڙي بيماري ۾ مالي سهائتا ڪرڻ بظاهر حڪومت پنهنجو فرض سمجهندي آهي. ٻيو اهي فنڪار جن جو پيشو ئي فنون لطيفه هجي ٿو ۽ ٻيو ڪو روزگار ناهي هوندو تن جي مالي سهائتا به حڪومت جو فرض سمجهيو ويندو آهي. ثقافت کاتو ماهوار وظيفي کان علاوه بيمار ٿيندڙ فنڪارن کي به هڪ لک کان 50 لکن جي وچ ۾ فنڪار جي مقام ۽ بيماري جي نوعيت کي ڏسندي مالي مدد پڻ ڪندو آهي. پر هن دور ۾ جيئن ته علاج ۽ دوائون به مهانگا ٿي ويا آهن ۽ عام فنڪارن جي وس کان ٻاهر ٿي ويا آهن ته هاڻي وڌ ۾ وڌ 50 لک به ٿورا ٿا لڳن.

بهرحال اسان سمجهون ٿا ته ثقافت کاتي جي مٿي ڄاڻايل معيار تي قومي راڳي ٻيجل سنڌي به پورو لهي پيو جنهن ”قومي گيت“ جي فن کي هٿي ڏني ۽ ان ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. رپورٽون آهن ته ٽنڊي محمد خان ۾ سندس ماروي آرٽ ميوزيڪل اڪيڊمي به قائم ٿيل آهي. هي رڳو راڳي ئي نه پر تمام سٺو ڪمپوزر به هو. هن شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني، امداد حسيني، حليم باغي ۽ تاج جويي جي ڪيترن ئي ڪلامن جون يادگار ڌنون ٺاهيون. سندس آواز کان متاثر ٿي سنڌ جي نامياري قوم پرست اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر سندس نالو ”ٻيجل سنڌ“ رکيو جنهن سان هو مقبول به ٿيو جڏهن ته سندس اصل نالو خالد محمود آهي.

سو ٻيجل سنڌي جي قومي گيتن واري فن ۾ ڏنل خدمتن جي تقاضا اها هئي ته سنڌ حڪومت سندس سياسي اسڪول آڦ ٿاٽ کان هٽي ڪري نج فنڪارانه صلاحيتن ۽ خاص ڪري قومي گيتن جي اهميت ۽ ضرورت کي ڏسندي سندس علاج جو يقيني ۽ فوري بندوبست ڪري ها جيڪو ان نه ڪيو ۽ سڀني جو آڏو مياري ٿي ويو آهي. ٻيجل سنڌي کي بچائڻ قومي گيتن کي بچائڻ هو جيڪي سياسي جلسن جي سونهن ۽ عوام ۾ جوش، جذبو ۽ ولولو پيدا ڪندا آهن ۽ جن کان سواءِ سياسي جلسا اٻاڻڪا ۽ ڇسا لڳندا آهن.

سو جڏهن به ڪو فنڪار بيمار ٿيندو آهي ته سندس علاج لاءِ پهريون مطالبو ثقافت کاتي کان ئي ڪيو ويندو آهي مطلب ته ثقافت کاتو ئي ذميوار سمجهيو ويندو آهي. ثقافت کاتو اهڙي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ته ٺيڪ نه ته خواري جي ذمري ۾ اچي ويندو آهي. اسان جو خيال آهي ته اهڙي خواري کان بچڻ لاءِ حڪومت يا ثقافت کاتي کي هاڻي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ۽ ان معاملي جو مستقل حل ڪڍڻو پوندو.

ان سلسلي ۾ اسان به ثقافت کاتي آڏو هڪ تجويز رکون ٿا. اسان جو خيال آهي ته جيئن ڪي سرڪاري ۽ خانگي ادارا پنهنجن ملازمن کي بيماري جي شڪل ۾ سٺي علاج لاءِ ”پينل ميڊيڪل“ جي سهولت ڏيندا آهن تيئن حڪومت يا ثقافت کاتي کي به مجموعي طور تي فنون لطيفا سان سلهاڙيل فنڪارن کي سٺي ۽ معياري علاج لاءِ ميڊيڪل پئنل جي سهولت ڏين ته ان سان بيمار فنڪارن جو وڏو مسئلو حل ٿي ويندو ۽ ثقافت کاتو به روز روز جي مطالبن ۽ ان کان پوءِ ٿيندڙ خواري کان بچي سگهي ٿو. سنڌ حڪومت يا ثقافت کاتو ان سلسلي ۾ صحت ڪارڊ به فنڪارن لاءِ جاري ڪري سگهي ٿي جنهن جي بنياد تي اهو فنڪار ڪٿي به مفت ۾ پنهنجو علاج ڪرائي سگهي ٿو. سو حڪومت کي مالي طور ڪمزور فنڪارن جن ۾ راڳي، اداڪار، موسيقار، مصور وغيره اچي وڃن ٿا تن لاءِ ميڊيڪل پئنل جو بندوبست ڪرڻ جو سوچڻو پوندو. اهڙي تجويز سنڌ اسيمبلي ۾ به ڪو ميمبر پيش ڪري قانون پاس ڪرائي سگهي ٿو ۽ پنهنجي حصي جو يادگار ڪم ڪري سگهي ٿو. ائين سنڌ حڪومت به اهڙو يادگار ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ اهڙو قدم کڻي فنڪارن جون دليون کٽي سگهي ٿي.

سو سنڌ جي حڪومت يا ثقافت کاتي کي مالي طور فنڪارن جي يقيني علاج ۽ فقيرن وانگر علاج جي خيرات گهرڻ واري اذيت کان بچائڻ لاءِ ميڊيڪل پئنل جو اهڙو بندوبست ڪرڻ گهرجي. اميد ته حڪومت ۽ ثقافت کاتو ان پاسي سوچيندا ۽ بيمار فنڪارن جو وڏو مسئلو حل ڪري ڏيکاريندا. باقي هن مهانگائي جي دور ۾ خيراتي هڪ لک کان 50 لکن جي مالي سهائتا کان ڳالهه چڙهي وئي آهي، هاڻي ڪنهن مستقل ۽ مضبوط حل ڏانهن وڃڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.