”معاهدو قبول ڪيو ته آپريشن ختم ۽ هُرمز پٽي سڀني لاءِ کلي ويندي، نه ته تباهي لاءِ تيار رهو“ ٽرمپ جو ايران کي الٽيميٽم

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن هن آمريڪا جي تجويز ڪيل معاهدي کي قبول نه ڪيو ته اڳ کان وڌيڪ تباهي پکيڙيندڙ بمباري ڪئي ويندي.
ٽروٿ سوشل تي پنهنجي پوسٽ ۾ آمريڪي صدر لکيو ته ”فرض ڪريو ته جيڪڏهن ايران معاهدي تي عمل ڪرڻ تي راضي ٿي ويو ته آمريڪي آپريشن ختم ٿي ويندو ۽ هرمز پٽي ايران سميت سڀني لاءِ کلي ويندي.“
ان سان گڏ ئي هن ايران کي ڌمڪائيندي لکيو آهي ته ”پر جيڪڏهن هو راضي نه ٿيو ته بمباري شروع ٿي ويندي ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان جي سطح ۽ شدت اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هوندي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.