ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مصروف ترين روڊ ”شاهراهه فيصل“ تي ٽريفڪ جي رواني کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر موٽر سائيڪلن ۽ بسن لاءِ الڳ لين مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه موجب، شاهراهه فيصل تي موٽر سائيڪلن ۽ بسن کي پنهنجي مقرر ڪيل لين ۾ هلڻو پوندو.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ وڌيڪ چيو ته مختص ڪيل لين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڪيمرائن ذريعي نظر رکي ويندي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ اي چالان جاري ڪيو ويندو.