رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب خطي ۾ جاري تازي فوجي ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ڌرين کي صبر ۽ برداشت جي مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
جدي ۾ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان جي صدارت هيٺ سعودي ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ علائقائي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته خطي کي وڌيڪ عدم استحڪام کان بچائڻ لاءِ سياسي حل ڳولڻ ضروري آهي.
سعودي ڪابينا تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان طرفان ڪيل ٽياڪڙي جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪندي چيو ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن سان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
اجلاس ۾ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري تي پڻ زور ڀريو ويو ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
ان کانسواءِ سعودي ڪابينا آبناءِ هُرمز ۾ جهازن جي محفوظ ۽ بنا ڪنهن رنڊڪ اچ وڃ کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو.
اجلاس دوران هڪ اهم اڳڀرائي طور سعودي انصاف واري وزارت ۽ پاڪستاني قانون واري وزارت وچ ۾ سهڪار جي مفاهمتي ياداشت(ايم او يو) جي به منظوري ڏني وئي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي قانوني شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿيندو.
سعودي کي علائقائي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي، تڪرار جي نبيري لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي ڪوششن جي حمايت ڪري ڇڏي
You might also like