معاشي زبون حالي ۽ علائقائي سهڪار

تحرير: ايوب ملڪ

اڄ پاڪستان کي  مجموعي طور تي  9.8  کرب رپين جو  قرض ادا ڪرڻو آهي، جيڪو هڪ سال اڳ 7.3 کرب رپيا هو. ياد رهي ته قرض جي اها رقم ساليانو حڪومتي روينيو جي برابر آهي، جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته باقي سمورن خرچن لاءِ اسان کي لاڳيتو اوڌر وٺڻي پوندي. مالياتي ذميداري ۽ قرض جي حدبندي ايڪٽ 2005 موجب پاڪستان پنهنجي جي ڊي پي جو 60 سيڪڙي کان وڌيڪ قرض نٿو وٺي سگهي، پر جون 2004 تائين اهو قرض 74.3 سيڪڙي تائين پهچي ويو آهي. اڄ پاڪستان جي روينيو جو  هڪ ڀاڱو حصو انڪم ٽيڪس جي مد ۾ حاصل ٿيندو آهي. جڏهن ته زراعت کان سڀ کان گهٽ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ 90 سيڪڙو جاگيردار  جن جون زمينون 12.5 ايڪڙ کان گهٽ آهن تن کان ڪو ٽيڪس ناهي ورتو ويندو. ان کان سواءِ ريئل  اسٽيٽ کان به تمام گهٽ ٽيڪس ورتو ويندو آهي.

اڄ ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته حڪومت روينيو کي وڌائڻ لاءِ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرع کي فوري طور تي 13 سيڪڙي تائين وڌائي، جنهن جنهن کي  پوءِ وڌيڪ وڌائي 18 سيڪڙي تائين وٺي وڃڻو پوندو. پاڪستان ۾ هن وقت سرڪاري تحويل ۾ 210 انٽر پرائز آهن  جن ۾ سر فهرست 14 صنعتن جو ساليانو خسارو 458 ارب رپيا آهي، جنهن جي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ  ضروري آهي ته انهن کي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ ۾ ڏنو وڃي.

پاڪستان جي خوشقسمتي آهي ته هن سال جي جولائي جي مهيني ۾ ناڻي جي رسد ۾ 48 سيڪڙو وڌارو ٿيو آهي، حڪومت ناڻي جي رسد وڌائڻ  لاءِ جيٽيلائز ڪرڻ جو هڪ اهم اعلان ڪيو آهي، جيڪو تعريف جوڳو آهي. ٻئي پاسي ايڪسچينج ريٽ ۾ گهٽتائي سبب درآمدي جي اگهن ۾ وڌارو ٿي رهيو آهي جنهن سبب 2023 -2024 ۾ واپاري خسارو 13.9 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪو آهي. اقتصادي ماهرن جو خيال آهي ته جن ملڪن ۾ واپار اڳتي نه وڌي سگهندو هجي ۽ ٻاهرين سرمائيڪاري به نه ٿيندي هجي ته انهن ملڪن ۾ قرض وڌندو ئي رهندو آهي. پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپ نه هئڻ جو هڪ سبب سياسي عدم استحڪام آهي، پر ياد رهي ته 2008 تائين اسان جي معيشت کي ڪو تحفظ حاصل نه هو. پر ان کان پوءِ ڪسٽم ڊيوٽيز ۽ ٻين ريگيوليٽري ڊيوٽيز لڳائي پاڪستاني صنعتن کي سهولتون ڏنيون ويون جنهن جو اندازو ائين لڳائي سگهجي  ٿو ته 2022 ۾ رڳو ٽيرف جي مد ۾ جيڪو رڳو درآمدي جي مد ۾ ورتو ويندو آهي، سو پاڪستان جي مڙني ٽيڪسن جي وصولي جو 48 سيڪڙو هو. ائين اڄ دنيا جا 70 ملڪ جيڪا برآمدات ڪن ٿا ان ۾ پاڪستان جو اوسط  ٽيرف 12.7 سيڪڙو آهي جيڪو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. اهو ٽيرف ڏکڻ ايشيا ۾ 5.9 سيڪڙو، آسيان ۾ 2.5 سيڪڙو، چين ۾ 3.8 سيڪڙو ۽ هندستان ۾ 5.8 سيڪڙو آهي جنهن سبب پاڪستان جي برآمدات اڳتي وڌي نه سگهي. اڄ اسان جي برآمدات جو رڳو 58 سيڪڙو ٽيڪسٽائل ۽ ڪاٽڻ جي صنعت جي رحم ڪرم تي آهي پر بجلي جي روز روز جي وڌندڙ اگهن سبب اسان جي صنعتن جو اهو شعبو متاثر رهيو.

ياد رهي ته نواز شريف جي ٻئي دور ۾ هندستان کان بجلي وٺڻ جو معاهدو تقريبن مڪمل ٿي چڪو هو،  جنهن سان اسان جون صنعتون فيضياب ٿين ها. انهن حالتن ۾ جڏهن ته مقامي مينو فيڪچرنگ علائقائي ملڪن سان منهن مقابل نه ٿي سگهي. اسان وٽ رڳو هڪڙو ئي آپشن بچي ٿو ته علائقائي سهڪار کي اڳتي وڌايو وڃي. اڄ کان ڪجهه عرصو اڳ پاڪستان ۾ رهندڙ ڀارتي ناظم لاهور ۾ سينيئر صحافين ۽ چيمبر آف ڪامرس جي عهديدارن سان ڳالهائيندي مثال ڏنو هو ته پاڪستان ۾ بصر جي قيمت 300 رپيا في ڪلو آهي، جڏهن ته نئي دهلي ۾ هن وقت اهو ئي بصر 20 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڀارت پاڪستان سان ڪڏهن به واپار ڪرڻ جي ڪوشش  نه ڪئي. ورلڊ بئنڪ جي تازي رپورٽ موجب جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي درآمدي تي رڳو ڏکڻ ايشيا مان ايندڙ تجارتي مال تي 10 سيڪڙو ڊيوٽي گهٽ ڪري ته ان سان علائقائي واپار  32 سيڪڙو  اڳتي وڌي سگهي ٿو. ان رپورٽ ۾  وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان هندستان سان مڪمل طور تي ٻه طرفو واپار بحال ڪري ته پاڪستان جي برآمدات ۾ 80 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو، جيڪو لڳ ڀڳ 25  ارب ڊالر هوندو. واضح رهي ته هندستان ۽ چين شديد سرحدي تڪرارن جي باوجود  120 ارب ڊالرن کان وڌيڪ واپار ڪري رهيا آهن جنهن  جو فائدو چين کي ٿي رهيو آهي.

اسان کي سوچڻو پوندو ته ڇا سبب آهي ته ڀارت آمريڪي ڪئمپ ۾ هئڻ جي باوجود چين سان خساري جو ڪاروبار ڪري رهيو آهي، ٻئي پاسي چين ۽ آمريڪا  پنهنجي تسلط جي جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ انهن وچ ۾ تڪرار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي پر اڄ به آمريڪا ۽ چين هڪٻئي جا واپاري پارٽنر آهن جڏهن ته پاڪستان ۽ هندستان دبئي ذريعي پنهنجي درآمدي ڪري رهيا آهن جنهن سبب پاڪستان جي معيشت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.

ويجهڙ ۾ ئي  اسان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته هندستان سان لاڳاپا ۽ ڪاروباري جي پاليسي ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي ويچار هيٺ ناهي، پر ٻئي پاسي ارشد نديم جي والده رضيه پروين  پنهنجي پٽ جي اولمپس 2024 ۾ سون جو تمغو کٽڻ تي  اهو چئي ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون ته نيرج چوپڙا  جيڪو ارشد نديم جو دوست آهي، سو به منهنجي پٽن جهڙو آهي ۽ سندس ڪاميابي لاءِ به دعائون گهري رهي هيس نيرج چوپڙا ۽ ارشد نديم جي مائرن جا اهي خيال سڄي دنيا جي ميڊيا جا زينت بڻيل رهيا جن سان  امن ۽ آشتي جي هڪ اميد پيدا ٿي  ۽ جيڪڏهن اهڙيون امن ۽ آشتي جون روايتون اڳتي وڌنديون رهيون ته هن خطي جا ڪروڙين ماڻهو غربت ۽ افلاس مان نڪري سگهن ٿا.

انهن محرڪن ۽ پنهنجي غير معمولي معاشي زبون حالي کي نظر ۾ رکندي اسان کي پنهنجن 77 سالن جي اختلافن کي وساري نئين نسل لاءِ امن ۽ آشتي جي فضا کي بحال ڪرڻو پوندو.

اسان کي سوچڻو پوندو ته ڇا سبب آهي ته ڀارت آمريڪي ڪئمپ ۾ هئڻ جي باوجود چين سان خساري جو ڪاروبار ڪري رهيو آهي، ٻئي پاسي چين ۽ آمريڪا  پنهنجي تسلط جي جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ انهن وچ ۾ تڪرار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي پر اڄ به آمريڪا ۽ چين هڪٻئي جا واپاري پارٽنر آهن جڏهن ته پاڪستان ۽ هندستان دبئي ذريعي پنهنجي درآمدي ڪري رهيا آهن جنهن سبب پاڪستان جي معيشت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.