اسلام آباد(م ڊ) منصوبابندي واري وزارت پاران جاري ڪيل ’ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن رپورٽ 2023‘ ۾ سڄي ملڪ جي ضلعن جي تعليمي ڪارڪردگي جي درجا بندي ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب تعليم جي لحاظ کان اسلام آباد پهرين، جهلم ٻئي ۽ چڪوال ٽئين نمبر تي آهي، اها رپورٽ اسڪولن ۾ موجود سهولتن، ڪورسز، شاگردن جي نتيجن ۽ استادن جي دستيابي سميت ٻين سهولتن جي بنياد تي تيار ڪئي وئي آهي.رپورٽ ۾ تعليم جي حوالي سان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ضلعا شامل ڪيا آهن، رپورٽ موجب پنجاب جا سڀ کان وڌيڪ ضلعا تعليم جي حوالي سان پهرين نمبر تي، خيبرپختونخواهه جا ضلعا ٻئي نمبر تي، سنڌ جا ضلعا ٽئين نمبر تي آهن، اهڙي طرح بلوچستان جا اڪثر ضلعا آخري نمبر تي آهن، جڏهن ته ملڪ جو ڪو به ضلعو سڀ کان بهترين درجي ۾ شامل ناهي.رپورٽ ۾ پاڪستان جي تعليمي لحاظ کان اعليٰ، سراسري ۽ گهٽ ڪارڪردگيءَ وارن ضلعن کي شامل ڪيو ويو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تعليمي معيار ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ جي راهه ۾ وڏين رڪاوٽن جو سبب بجيٽ جي کوٽ، موجود بجيٽ جو بهتر استعمال نه ٿيڻ ۽ انساني وسيلن جي کوٽ آهي.