پرڏيهه ۾ ويهي پگهارون کڻندڙ استادن کي نيڪالي جي سفارش

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن  جا اسڪول بند  ۽ بنيادي سهولتن کان محروم ٿيڻ سبب  ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي ٻي پاسي  سنڌ جي تعليم کاتي  ۾ مقرر  استاد ۽ ملازم ڪامورن جي ملي ڀڳت سان بنا موڪل ٻاهرين ملڪ ترسيل سرڪاري ڊيوٽي ڪرڻ بنا ڪامورن جي ملي ڀڳت سان  پگهارون وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، تفصيلمطابق تعليم کاتي سنڌ جي 56 اهڙن استادن جو انڪشاف ٿيو آهي جيڪي سرڪاري نوڪري ڪرڻ بدران بغير موڪل وٺڻ جي مختلف ملڪن ڏانهن ويندا رهيا آهن. ان سلسلي ۾  ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ زين العابدين انصاري سيڪريٽري تعليم کي خط لکي مفرور ڄاڻايل استاد مختلف ملڪن ۾ هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ پاران ايف آءِ اي کي خط لکي 88 ملازمن بابت ڄاڻ طلب ڪئي وئي هئي جنهن تحت فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي پاران 88 مان 56 استادن بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تعليم کاتي جا 56 استاد مختلف ملڪن ڏانهن ويندا رهيا آهن، ايف آءِ اي پاران تعليم کاتي جي ملازمن جون ايئرپورٽ تي ورتل تصويرون ۽ پاسپورٽ جا عڪس به جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڊائريڪٽر  جنرل پاران سيڪريٽري تعليم کي اهڙي رپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 56 ملازمن بغير موڪل جي پرڏيهه وڃي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آھي، تعليم کاتي جا ملازم چائنا، دبئي، جاپان، ايران، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيڻ کانپوءِ مانيٽرينگ اينڊ اِويليوشن جي ڊائريڪٽر جنرل زين العابدين انصاري سيڪريٽري ايجوڪيشن کي سمورن  گوسڙو ملازمن جون پگهارون بند ڪري نوڪرين تان هٽائڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ چيو آهي ته  سنڌ جي تعليم کاتي جا استاد ۽ ٻيا گوسڙو ملازم ٻاهرين ملڪن ۾ هجڻ جي نشاندهي نه ڪندڙن  ڊائريڪٽرن توڙي ڊي اِي اوز، ڪامورن ۽ عملدارن خلاف به انڪوائري ڪئي وڃي، هاڻي ڏسڻو آهي ته گوسڙو استاد ۽ عملي جي خلاف  ڪا ڪارروائي ٿئي ٿي يا وري عام رواجي طور اها جاچ به  ردي ٽوڪري جي نظر ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.