اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت 28 آگسٽ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ ميمبرن کي گڏيل اجلاس ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن قومي اسيمبلي جو نائون اجلاس 26 آگسٽ تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جو قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.
You might also like