لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته عليمه گروپ ۽ بشريٰ گروپ ٻئي پي ٽي آءِ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، تحريڪ انتشار ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي سياست ڪري رهي آهي ۽ اڄ پاڻ ڏڦيڙ جو شڪار آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو ته تحريڪ انتشار ملڪ جي ادارن خلاف پروپئگنڊا ڪئي، ڏڦيڙ جي سياست جو بنياد عمران خان رکيو، هن معاشري کي ورهايو، ماڻهن کي هڪٻئي سان وڙهايو، اڄ تحريڪ انصاف پاڻ ڏڦيڙ جو شڪار آهي.
هن چيو ته نفرت جي سياست جو انجام سٺو ناهي هوندو، عليمه خان رئوف حسن کي چيو ته بشريٰ بي بي ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهي آهي، بشريٰ بي بي همدردي لاءِ ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، تحريڪ انتشار ۾ مختلف ڌڙا ٺهي ويا آهن، تحريڪ انتشار ۾ ڪيترائي ڊس انفارميشن سيل هلي رهيا آهن، هڪ ڊس انفارميشن سيل رئوف حسن عليمه خان سان گڏجي هلائي رهيو هو، ٻيو سيل بشريٰ بي بي هلائي رهي هئي.
ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي سياست ڪندڙ ”تحريڪ انتشار“ اڄ پاڻ ڏڦيڙ جو شڪار آهي: عطا تارڙ
You might also like