لڳي ٿو ته جبري گمشدگين جو حڪومت کي ئي فائدو آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا ته ماڻهن کي کنڀيو پيو وڃي پر چيف ايگزيڪيوٽو ڪجهه نه پيو ڪري. تحريڪ انصاف اڳواڻ اظهر مشواڻي جي گم ٿيل ٻن ڀائرن جي بازيابي بابت درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پنجاب پوليس لاهور جو ايس پي عدالت ۾ پيش ٿيو. پوليس عملدار عدالت کي ٻڌايو ته متاثرن جي خاندان پاران سي سي ٽي وي فوٽيجز فراهم ڪيا ويا آهن، فٽيجز جو ريزوليشن گهٽ هجڻ سبب نه نادرا جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي ۽ نه وري فرانزڪ ايجنسي ان جو پتو لڳائي سگهي آهي. پوليس عملدار چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ هر اينگل سان ڪور نٿو ڪري سگهي، هن وقت تائين ڪو به قانون لاڳو ڪندڙ ادارو ان بابت معلوم نه ڪري سگهيو آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته لڳي ٿو ته جبري گمشدگين جي حڪومت ئي بينيفشري آهي، هن ملڪ ۾ ڪيئن ماڻهن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ڪجهه نٿو ڪري، اٽارني جنرل چيو هو ته هو ان معاملي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندو چيف ايگزيڪيوٽو انهن مسئلن کان آگاهه آهي پر ان باوجود ماڻهن کي زبردستي غائب ڪيو پيو وڃي. معزز جج رمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن کان هي ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شروع ٿيو آهي، جاچ ئي رڪجي وئي ​​آهي، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته رپورٽ تيار ڪري جيو فينسنگ ڪئي وئي آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته هي ٻئي ڪڏهن کان گم آهن، جنهن تي پوليس آفيسر چيو ته 6 جون کان گم آهن، جنهن تي جج چيو ته 3 مهينا ٿي ويا آهن ته ٻنهي ڄڻن کي زبردستي گم ڪيو آهي،  سندن خاندان ت ڇا پيو گذري ان جو اسان ئي اندازو آهي، ماڻهن کي کنيو پيو وڃي پر چيف ايگزيڪيوٽو ڪجهه نه پيو ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.