بغاوت ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ تي جسقم اڳواڻ سميت 4 ڄڻا بري

ڪراچي ( رپورٽر) رياست پاران داخل ڪرايل بغاوت ۽ دهشتگردي ڪيس ۾ سيشن ڪورٽ سائوٿ جي عدالت جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ سميت 4 ڄڻن کي ثبوت پيش نه ڪرڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت رياست پاران داخل ڪيل دهشتگردي، بغاوت ۽ رياست مخالف نعريبازي واري ڪيس ۾ سيشن ڪورٽ سائوٿ جي عدالت جسقم اڳواڻ الائي بخش بڪڪ، ناصر منصور، عبدالوهاب بلوچ ۽ سعيد بلوچ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪيل پرامن احتجاج ۾ رياست الاهي بخش بڪڪ، ناصر منصور، عبدالوهاب بلوچ، ۽ سعيد بلوچ سميت 260 اڻڄاتل ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو هو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.