ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي ڪارساز روڊ حادثي جي هڪ ٻي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ حادثي جي جوابدار نتاشا موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر هڻڻ کان اڳ هڪ ٻي اڇي رنگ جي گاڏي کي ٽڪر هنيو هو ۽ فرار ٿيڻ دوران ٻيو حادثو پيش آيو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عورت پهرين حادثي بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ڪار تيز هلائي رهي هئي جنهن سبب ٻيو حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.