ڪراچي( رپورٽر ) ڊي آءِ جي ايسٽ زون غلام اظفر مهيسر ۽ ٻيا پوليس آفيسر ڪار حادثي ۾ فوت ٿيل پيءُ ۽ ڌيءَ جي گهر پهتا. فوتي جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ترجمان موجب جاچ ميرٽ تي ٿي رهي آهي، خاندان کي انصاف ڏنو ويندو، ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي انويسٽيگيشن علينا راجپر، ڊي آءِ جي ايسٽ جي سربراهي ۾ اسپيشل جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي، غلام اظفر مهيسر چيو ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ جوابدارن جي رت جي ٽيسٽ جي رپورٽ اچي ويندي، جنهن بعد وڌيڪ دفعات لاڳو ڪرڻ ۽ هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.