ڪراچي مان گم ٿيل شهرين جي سفري تاريخ طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس  نعمت الله ڦليوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 2016ع کان گم ٿيل شهري سميت ٻين شهرين جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي .شهري جي زال چيوته منهنجو مڙس سيد نويد علي 2016ع کان اڃا تائين گم آهي.8سالن کان عدالتن ۽ پوليس اسٽيشنن جا در کڙڪائي رهي آهيان پر هن وقت تائين منهنجو مڙس بازياب نه ٿي سگهيو آهي، شهري جي زال جو چوڻ هو ته پوليس هن وقت تائين ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي .عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان اسان کي بيوقوف نٿا بڻائي سگهو، جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته شهرين جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن. عدالت سيد نويد علي ۽ ٻين شهرين جي بازيابي لاءِ ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايف آءِ اي کان گم ٿيل شهري جي سفري تاريخ پڻ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت درخواستن جي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.