اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي دعويٰ ڪئي آهي ته جنرل باجوا اسان جي ٽيم جي هڪ چوٽي جي اقتصادي ماهر کي گهرائي مارشل لا جي امڪاني خدشن بابت ڄاڻ ورتي. هن کيس چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ته ڪهڙا خدشا پيدا ٿيندا ڇا معاشي پابنديون لڳي وينديون. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته جنرل باجوا ۽ فيض حميد جنرل عاصم منير کي آرمي چيف بڻائڻ جا مخالف هئا ۽ اهو چئي رهيا هئا ته پنجن نالن مان جنرل عاصم منير کي ڇڏي 4 مان ڪنهن به هڪ کي آرمي چيف بڻايو وڃي پر جنرل عاصم منير کي آرمي چيف نه بڻايو وڃي.