ڌاڙيلن تائين جديد هٿيار پهچڻ ادارن جي ناڪامي آهي: حافظ نعيم

پشاور( پ ر)  جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان عوام ۽ خاص ڪري واپارين کي اپيل ڪئي آهي ته 28 آگسٽ جي  ملڪ گير شٽرڊائون هڙتال کي ھر صورت ۾ ڪامياب بڻايو وڃي سڀني واپاري تنظيمن حمايت اعلان ڪيو آھي واپاري تنظيمون متحد ٿئي ھرتال کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن  سڄي ملڪ جي  قوم تڪليف ۾ آهي . اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. امير جماعت اسلامي چيو ته رحيم يار خان واقعي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ پوليس سان دلي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، هڪ طرف پنجاب ۾ ن ليگ جي حڪومت آهي ته ٻئي طرف سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي ۽ انهن ئي علائقن ۾ ڦرلٽ جو راج آهي،سوال اهو آهي ته جديد هٿيار انهن ڌاريلن تائين ڪيئن پهتا، ادارا نااھل آهن، اها ٻنهي طرفن جي حڪومتن ۽ خاص ڪري آءِ جيز جي ناڪامي آهي. هن چيو ته قبائلي علائقن ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال به انتهائي خراب آهي، قبائلي علائقن ۾ فوجي آپريشن جاري آهي، جهازن ذريعي حملن جا به اطلاع آهن. هن چيو ته اهڙي صورتحال تي جماعت اسلامي جو واضح موقف آهي ته فوجي آپريشن سان صورتحال خراب ٿي ويندي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.