اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي تحفن جي نيلامي مان حاصل ڪيل 22 ڪروڙ رپين جو دستاويزي رڪارڊ توشه خاني مان غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.اسپيشل آڊٽ رپورٽ ۾ حڪومت کي ان معاملي جي جلد جاچ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته تحفن جي اگهن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪمپنين وٽ شين جي قيمت جو اندازو لڳائڻ جو ڪو به تجربو نه هو، هيرن، سون، واچون، زيور، هينڊي ڪرافٽس وغيره جو اندازو لڳائڻ جي تجربي کانسواءِ ئي ڪمپني جي چونڊ ڪئي وئي.رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي ته حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ اختيارن جي غيرقانوني ۽ غير مجاز استعمال ۾ ملوث ماڻهن جو پتو لڳايو وڃي.رپورٽ موجب 2017 ۾ 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ 2018 ۾ 4 ڪروڙ 75 لک رپيا توشا خانا ۾ گڏ ڪيا ويا، 2019 ۾ 10 ڪروڙ، 2021ع ۾ توشه خاني جي تحفن مان 4 ڪروڙ رپيا گڏ ٿيا، 2022ع ۾ توشه خاني جي تحفن جي قيمت جي مد ۾ 57 لک رپيا گڏ ٿيا.رپورٽ موجب اها رقم 2002ع کان 2023ع تائين جي تحفن جي اصل قيمت جو جائزو وٺڻ کانپوءِ سرڪاري خزاني لاءِ حاصل ڪئي وئي، وفاقي ڪابينا جي منظوري باوجود 2002ع کان پوءِ جو رڪارڊ منظر عام تي نه اچي سگهيو، سموريون رسيدون آڊٽ ٽيم کي پيش نه ڪيون ويون ۽ ٻين ڪيترن ئي سالن جو رڪارڊ ڳجهو رکيو ويو ۽ آڊٽ اختيارين کي نه ڏيکاريو ويو.