حيدرآباد(پ ر) سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران ڪالاباغ ڊيم تحريڪ جي پھرئين شھيد ۽ سنڌ جي غريب مسڪين ھارين مزدورن مظلومن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ سنڌ ھاري ڪاميٽي جو اڳواڻ ڪامريڊ مظھر جتوئي جي 26 ورسي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ھائوس تي ملھائي وئي. ورسي تقريب ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ شھيد ڪامريڊ مظھر جتوئي جي آخري آرام گاھ تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري وئي۔ ورسي تقريب کي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته شھيد ڪامريڊ مظھر جتوئي سنڌ جو سچو دلير فرزند ھو جنھن ڪالاباغ ڊيم جي تحريڪ ۾ ڀرپور جدوجھد ڪئي جڏھن تہ ھن سنڌ جي غريب مسڪين ھارين مزدورن مظلومن ھڏوکين جي حقن لاء آواز بلند ڪيو ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ھميشه اڳڀرو رھيو شھيد ڪامريڊ مظھر جتوئي جي ڪيل جدوجھد تي کيس سرخ سلام پيش ڪجي ٿو جڏھن ته سنڌ کي اھڙن ڪردارن جي اڄ ضرورت آھي۔ ھينئر به سنڌ جي وسيلن تي ڦرلٽ جاري آهي سنڌ جون زمينون نيلام ڪيون پيون وڃن بحريا ٽائون جي سنڌي ڳوٺن تي پوليس چڙهايون ڪري ڳوٺاڻن تي تشدد ڪيو ويو۔ جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي۔ جڏهن ته ورسي تقريب کي ادريس بروهي عابد رند ستار بلوچ جبار باغي شامون ٺاڪر ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪري ڪامريڊ مظھر جتوئي پاران سنڌ لاءِ ڪيل جدوجھد تي کيس ڀرپور ڀيٽا ڪئي وئي۔