ملڪ ۾ 50 سيڪڙو موبائل ٽرئفڪ متاثر ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(م ڊ) لانگ ڊسٽنس ۽ انٽرنيشنل (ايل ڊي آءِ) ڪمپنين جي لائسنسن ۾ واڌ نه ٿيڻ سبب ملڪ ۾ 50 سيڪڙو موبائل ٽرئفڪ،  سروس جي معيار ۽ ڪاروباري عمل متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.دستاويز موجب بزنس آپريشن متاثر ٿيڻ سان ڪيترائي موبائيل ٽاور آئوٽ آف سروس ٿي ويندا، جنهن سان 10 سيڪڙو انٽرنيٽ ٽريفڪ متاثر ٿيندي، اهڙي طرح ملڪ ۾ 40 سيڪڙو اي ٽي ايمز بند ٿيڻ سبب ڪاروباري آپريشن متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.ياد رهي ته ٽيلي ڪام ڪمپنين ۽ آءِ ٽي وزارت وچ ۾ رهتن جي معاملي تي تڪرار هلندڙ آهي.آءِ ٽي واري وزارت جي اسٽيئرنگ ڪميٽي به بقايائن جي وصولي جو فارمولو طئي نه ڪري سگهي آهي.پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) لائسنس جي تجديد لاءِ رهتن جي ادائيگي جو شرط رکي ڇڏيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.