اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت نجڪاري جي پهرين مرحلي ۾ وڌيڪ ادارن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف نجڪاري ڪميشن کي 2 هفتن اندر حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ اسٽيٽ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي نجڪاري ڪئي ويندي، پاڪستان انجنيئرنگ ڪمپني ۽ سنڌ انجنيئرنگ پرائيويٽ لميٽيڊ جي نجڪاري به پهرين مرحلي ۾ ڪئي ويندي.ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ ريپبلڪ موٽرز لميٽيڊ جي نجڪاري جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم نجڪاري ڪميشن کي وفاقي ڪابينا کان منظوري وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.