يوٽيلٽي اسٽور بند ڪرڻ جو فيصلو، 11 هزار ملازم پريشان

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ۾ گذريل ٻن سالن دوران وڏيون بي ضابطگيون سامهون آيون آهن. 2021ع ۽ 2022ع دوران قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهتو آهي. انهن ٻن  سالن دوران لاهور زونل آفيس هدف حاصل نه ڪري سگهي. نتيجي ۾ ڪارپوريشن کي 2 ارب 30 ڪروڙ رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. رپورٽ موجب درآمدي کنڊ جي معاملن ۾ بي ضابطگين سبب هڪ ارب 4 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي . يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن وچ ۾ درآمدي کنڊ جي خريداري لاءِ معاهدو ٿي ويو هو ، معاهدي تحت يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن کي هڪ لک ميٽرڪ ٽن درآمدي کنڊ خريد ڪرڻي هئي. يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن آف پاڪستان ليٽر آف ڪريڊٽ کولڻ کان اڳ گهربل رقم ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. مارڪ اپ وڌڻ سبب ڪمپني کي هڪ ارب چار ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو.پيسڪو ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن وچ ۾ اڍائي لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پيهڻ جو معاهدو ٿيو هو . يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ڪڻڪ جي پيهڻ ۽ چرپر لاءِ 48 ڪروڙ 59 لک رپيا  اضافي ادا ڪيا. مارچ 2023ع ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاران شروع ڪيل مفت اٽي جي اسڪيم غير شفافيت جو شڪار ٿي وئي آهي. اسلام آباد ۾ 4 لک 57 هزار کان وڌيڪ گهرن ۾ 10 ڪلو اٽي جا ٿيلها ورهايا ويا پر صارفين جو رڪارڊ مرتب نه ڪيو ويو ۽ نه ئي تفصيل لاڳاپيل اختيارين کي فراهم ڪيا ويا. هوڏانهن  وفاقي حڪومت پاران يوٽيلٽي اسٽور بند ڪرڻ ۽ سبسڊي ختم ڪرڻ واري فيصلي خلاف يارنهن هزار کان وڌيڪ ملازمن ۾ پريشاني جي لهر پکڙجي وئي آهي، جنهن بعد ملازمن هڙتال جي ڌمڪي ڏني آهي. يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ لاهور شهر جا سمورا يوٽيلٽي اسٽور بند رهيا ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ايمپلائيز يونين سومر تي اسلام آباد ۾ ملڪ گير هڙتال ۽ احتجاج جو اعلان ڪيو. يوٽيلٽي اسٽورز ايمپلائيز يونين جي جنرل سيڪريٽري راجا مسڪين علي چيو ته سومر ڏينهن اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ فيصلي جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.