اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ناڻي واري وزارت موجب آءِ ايم ايف کي قرض تي هن وقت تائين 2439 ملين رپيا وياج ادا ڪيو ويو آهي، ناڻي واري وزارت جي عملدارن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف کي هن وقت تائين 2439 ملين ڊالر وياج ادا ڪيو ويو آهي، ٽن کان پنجن سالن ۾ 6.3 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم ادا ڪئي ويندي.ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اقتصادي معاملن بابت ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ آءِ ايم ايف جي قرضن ۽ وياج جا تفصيل پيش ڪيا ويا.اجلاس ۾ ناڻي واري جوائنٽ سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان پهريون پروگرام 1958ع ۾ ڪيو ويو هو، هن وقت تائين آءِ ايم ايف کان 21260 ملين ايس ڊي آرز قرض ورتو ويو، واپسي وارو قرض 6369 ملين ايس ڊي آرز رهي چڪو آهي، 6.3 ملين ايس ڊي آرز کان وڌيڪ قرض ٽن کان پنجن سالن ۾ واپس ڪرڻو پوندو، .ناڻي واري وزارت جي آفيسرن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف کي قرض تي هن وقت تائين مجموعي طور 2439 ملين وياج ادا ڪيو ويو آهي، آءِ ايم ايف سان مجموعي طور 28 پروگرام ڪيا ويا آهن، 24 فل ٽائيم ۽ 4 ون ٽائم پروگرام ڪيا ويا. .اسٽيٽ بئنڪ جي عملدارن جو چوڻ هو ته 2008 ۽ 2010 جي پروگرام جو پورو قرض واپس ڪيو ويو آهي، انهن ٻنهي پروگرامن تي آءِ ايم ايف کي 1.58 سيڪڙو وياج ڏنو ويو، 2023 جي اسٽينڊنگ ارينجمينٽ تي 5.09 سيڪڙو وياج ڏنو ويو.2008ع کان 2023 ع جي وچ ۾ آءِ ايم ايف سان 6 پروگرام ڪيا ويا. ڪامل علي آغا سوال ڪيو ته هن سال آءِ ايم ايف کي ڪيتري رقم ادا ڪرڻي آهي؟ جنهن تي اسٽيٽ بئنڪ جي عملدارن جواب ڏنو ته اسان وٽ اڃا اهي تفصيل ناهن، معلوم ٿيڻ بعد ٻڌائينداسين.