آءِ ايم ايف معاهدي لاءِ وري شرط رکي ڇڏيا، مددگار ملڪن جي ضمانت طلب

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف نئين معاهدي لاءِ وري دوست ملڪن جي ضمانت طوبي ورتي آهي، ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي وقت به گوڙ ڪيو ويو ته  عالمي مالياتي فنڊز معاهدي جي منظوري نه ڏيندو، هاڻي به اهڙو ئي گوڙ ڪيو پيو وڃي ته اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري نه ٿيندي، ماضي جيان هن ڀيري به آءِ ايم ايف بورڊ پروگرام جي منظوري ڏيندو.هن  اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جو ردعمل هاڪاري آهي، دوست ملڪ پنهنجي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرن ذريعي آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ وٺندا. ڪمرشل بينڪن سان فنڊز جي فراهمي لاءِ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، عالمي ايجنسين طرفان ريٽنگ بهتر ٿيڻ سان ڪمرشل بينڪن جو رد عمل هاڪاري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف پروگرام جي 37 مهينن ۾ 3 ارب ڊالرن جي پرڏيهي فنانسنگ جي ضرورت آهي، هن سال پاڪستان کي 2 ارب ڊالرن جي پرڏيهي فنانسنگ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.