راولپنڊي(م ڊ) تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افراتفري جي خوف سبب اسلام آباد ۾ رٿيل جلسو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪڏهن 8 سيپٽمبر تي ڪنهن رنڊڪ وڌي ته ان جو ذميوار هو پاڻ هوندو.اڊيالا جيل ۾ قائم عدالتي ڪمري ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته اعظم سواتي ٻڌايو ته ختم نبوت حساس معاملو آهي، ان جو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي ۽ مذهبي جماعتون به احتجاج ڪري رهيون آهن، افراتفري جو خدشو آهي، ان ڪري اعظم سواتي ۽ بئريسٽر گوهر کي گهرائي ملاقات ڪئي ۽ جلسو ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.هن چيو ته آئون ڪڏهن به نه چاهيندس ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ هجي، عمران خان چيو ته آخري ڀيرو جلسو ملتوي ڪيو آهي، هنن 8 سيپٽمبر جو اين او سي به جاري ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن 8 سيپٽمبر تي وڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ذميوار هو پاڻ هوندا.عمران خان اهو به چيو ته جلسو ملتوي ٿيڻ تي سموري پارٽي ۾ ڪاوڙ ۽ غصو آهي. منهنجو به خيال آهي ته جلسو ملتوي نه ٿيڻ گهرجي ها پر ان کي صرف افراتفري کان بچڻ لاءِ ملتوي ڪيو ويو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن هو ڪالهه جلسو ڪن ها ته خدشو هو ته هڪ ٻيو 9 مئي ڪري ڦنڌو پي ٽي آءِ جي ڳچي ۾ وڌو وڃي ها، اڃا تائين گذريل 9 مئي جي عدالتي انڪوائري به نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته اوپن ٽرائل جي ڳالهه صرف آئون ڪري رهيو آهي، توهان ايڏا وڏا الزام لڳائي رهيا آهيو ته مون فيض سان گڏجي 9 مئي تي سازش ڪئي، جيڪڏهن فيض 9 مئي ۾ ملوث هو ته پوءِ اوپن ٽرائل ڪريو.هن چيو ته هي نه ته فوجي معاملو آهي ۽ نه ئي ڪو ڳجهو عالمي معاملو آهي، جيڪڏهن حمود الرحمان رپورٽ تي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ ملڪ ۾ جمهوريت هجي ها، جنهن تي عملدرآمد سان ملڪ کي فائدو ٿئي ها، ملڪ ۾ 3 مارشل لا نه لڳن ها ۽ 9 مئي جمهوريت تي حملو آهي، ڪميشن جو مطالبو انڪري ڪريان ٿو ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي غلطي نه ورجائي وڃي.هڪ صحافي وڌيڪ سوال ڪيو ته رات جي آخري پهر ۾ اعظم سواتي کي توهان ڪنهن جي ذريعي پيغام موڪليو؟ پيغام پهچائيندڙ ڪير هو؟ فون جي سهولت ڪيئن ملي؟ ان تي عمران خان مسڪرائيندي چيو ته ان ڳالهه کي ڇڏي ڏيو.