خالد لنڊ جو نالو ۽ دھشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ\شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس

گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مھر) گهوٽڪي جي عدالت شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار پ پ ايم اين اي خالد احمد  لنڊ، سندس پٽ شھباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جي عبوري ضمانت ۾ 26 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي، ڪالهه شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي گهوٽڪي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج وٽ ٿي، جنهن دوران جوابدار ڄاڻايل پ پ ايم اين اي خالد احمد  لنڊ سندس پٽ شھباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ عدالت ۾ پيش ٿيا  جڏھن ته ڪيس جي فريادي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ امان پٺاڻي گڏاڻي ۽ سندس ڀاءُ يعقوب گڏاڻي به  عدالت ۾ حاضر ٿيا، عدالت ٻنھي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪندي پيپلز پارٽي جي ايم اي خالد لنڊ ۽ ان جي پٽن شھباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي 26 آگسٽ سومر تي مقرر ڪري ڇڏي.عدالت ٻاهران ڪيس جي جاچ آفيسر سراج لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جي جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي آھي، عدالت سومر تي پنھنجو فيصلو ٻڌائيندي، جوابدارن جي وڪيل بئريسٽر عامر منصور چيو ته عدالت کي ٻڌايو ويو آھي ته واقعي جي 35  ڏينھن بعد خالد لنڊ ۽ سندس پٽن کي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو، عدالت ۾ واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به ڏيکاريا ويا، عدالت کي آگاھه ڪيو ويو ته ھي ڪوڙو ڪيس آھي. فريادي ڌر جي وڪيل صلاح الدين پنھور چيو ته جاچ آفيسر ڪيس مان خالد لنڊ جو نالو ڪڍڻ ۽ دھشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جي رپورٽ جمع ڪرائي آھي، اسان ان جي مخالفت ۾ دليل ڏنا آهن، ھڪ دفعو ايف آءِ آر ۾ اي ٽي سي جا قلم شامل ٿي وڃن ته ان کي واپس وٺڻ جاچ آفيسر جي اختيارن ۾ ناهي، اھو عدالت جو اختيار بڻجي ٿو.

  1. خالد لنڊ ۽ سندس پٽ شاھي پروٽوڪول ۾ پهتا، خلق پريشان

گهوٽڪي: شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار خالد لنڊ ۽ سندس پٽ خالد آباد کان پنهنجي خانگي ھٿياربندن سان گڏ شاھي پروٽوڪول ۾ عدالت پهتا، عدالت ٻاھريان خالد لنڊ جون گاڏيون ۽ سندن حمايتين جي رش سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو، ان دوران عدالت ٻاهران روڊ تي سول اسپتال ايندڙ ويندڙ مريضن توڙي شهرين کي اچ وڃ دوران سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جوابدارن جي ايتري وڏي پروٽوڪول ۽ هٿياربندن ساڻ پيشي تي اچڻ باوجود پوليس خاموش رهي، عدالت ٻاهران خالد لنڊ سان گڏ آيل ماڻهن توڙي گاڏين جي رش سبب شهري آزار ۾ اچي ويا ان سموري معاملي دوران پوليس تماشو ڏسندي رهي ۽ پوليس هٿياربند ماڻهن توڙي گاڏين جي رش باوجود انهن روڪڻ جي زحمت نه ڪئي.

  1. عدالت مان ئي انصاف جي اميد آهي: صلاح الدين پنھور

گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا وارث جوابدارن پاران حراسان ڪرڻ بابت پنهنجي وڪيل معرفت عدالت ۾ درخواست ذريعي  پڻ آگاھ ڪري چڪا آهن ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جا جوابدار خالد لنڊ ۽ سندس پٽ اسان کي حراسان ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ حاضرين دوران هٿياربند ساڻ ڪري وڏين گاڏين جي جلوس ۾ اچن ٿا ۽ اسان کي حراسان ڪيو وڃي ٿو ان باوجود پوليس ان سموري معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي، ان سلسلي ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن جي وڪيل صلاح الدين پنھور چيو ته اسان شھيد جي وارثن طرفان عدالت ۾ اهڙي درخواست به داخل ڪئي ته جوابدار ڌر فريادين کي حراسان ڪرڻ لاءِ سوين ماڻهن جو جلوس وٺي حاضري تي اچن ٿا، عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي کي نوٽيس پڻ ڪيو ته فريادي ڌر کي حراسان ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪريو پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي، وڪيل صلاح الدين پنھور چيو ته اسان کي رڳو عدالت مان ئي انصاف جي اميد آهي.

  1. خالد لنڊ جي منهن تي مايوسي، عوامي آواز ٽيم سميت صحافين سان ڳالهائڻ کان لنوائي ويو

گهوٽڪي: گهوٽڪي جي عدالت ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي بعد عدالت ٻاهران روزاني عوامي آواز جي ٽيم توڙي ٻين صحافين ايم اين اي خالد لنڊ سان ڳالھه ٻولھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مايوس نظر ايندڙ خالد لنڊ عوامي آواز ٽيم توڙي ٻين صحافين سان ڳالهائڻ کان لنوائيندي گاڏي ۾ چڙهي روانو ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.