لاهور(معظم فخر) عمران خان جو ملٽري ٽرائل شروع ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ کي ڪير هلائيندو؟ اهو سوال عمران خان لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي،پارٽي ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو، پارٽي جي اهم اجلاس ۾ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان نظرانداز ٿيڻ لڳو، اسد قيصر،عمر ايوب ۽ شبلي فراز حاوي ٿيل آهن، عليمه خان ۽ بشريٰ بي بي وچ ۾ به سنگين اختلاف هلندڙ آهن، ٻنهي کي اختيار مليا ته پارٽي ۾ ٻه گروپ ٺهي ويندا، ٻئي پاسي علي امين گنڊاپور ۽ اسد قيصر هڪ ٻئي سان هٿ ملڻ لاءِ تيار ناهن، عمران خان شاهه محمود قريشي ۽ پرويز الاهي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته آخري آپشن مراد سعيد هن وقت روپوشي واري زندگي گذاري رهيو آهي خيبرپختونخوا مان جلد اهم گرفتاري ٿيڻ واري آهي،ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مراد سعيد جي روپوشي واري هنڌ بابت ڪجهه اشارا مليا آهن،