حيدرآباد ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ 6 سالن جي وقفي کانپوءِ پوليو جو هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي، هلندڙ سال سنڌ ۾ پوليو جو هي ٽيون ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ پوليو جي ڪيسن  جو تعداد وڌي 16 ٿي ويو آهي. حيدرآباد جي ٽي ايم سي پريٽ آباد جي يونين ڪائونسل 50 ۾ 29 مهينن جي هڪ ڇوڪري کي پوليو هجڻ جي تصديق ٿي آهي، هي پوليو جو ڪيس WPV 1 وائرس طور رپورٽ ٿيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڄاڻايل نينگري کي پوليو جو شڪ هجڻ تي سندس اسٽول سيمپل وٺي اسلام آباد ليبارٽري موڪليا ويا، جنهن جي رپورٽ ۾ نينگري کي پوليو هجڻ جي تصديق ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.