جلسو ڪنهن جي چوڻ تي ملتوي ٿيو؟: عليمه سوال اٿاري ڇڏيا

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان پي ٽي آءِ پاران جلسو ملتوي ڪرڻ جي اعلان تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته اعظم سواتي ڪنهن جي چوڻ تي صبح صبح عمران خان سان ملڻ لاءِ جيل ويو؟ اعظم سواتي ڪنهن جي چوڻ تي عمران خان کي جلسو ملتوي ڪرڻ جو پيغام پهچايو؟ عليمه خان چيو آهي ته صبح ساڍي 7 وڳي راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي؟ هن چيو ته پارٽي جي موجوده قيادت جو عمران خان کي جيل مان ڪڍڻ جو ڪو به ارادو ناهي، چيئرمين ٻاهر ويٺو آهي ان جلسو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڇو نه ڪيو؟.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.