حڪومتي ڏڦيڙ جو خدشو، پي ٽي آءِ جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو، نئين تاريخ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ گذريل ڏينهن رٿيل جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ اعظم سواتي بئرسٽر گوهر جي موججودگي ۾ جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته جلسو ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. بئريسٽر گوهر موجب پي ٽي آءِ باني سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات کانپوءِ  جلسو ملتوي ڪيو ويو، جلسي جي  نئين تاريخ 8 سيپٽمبر مقرر ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل عمر ايوب چيو ته اطلاع آهن ته حڪومت جلسي جي اوٽ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي سازش ڪري رهي آهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ کي ترنول ۾ جلسي جي اجازت ملي هئي پر انتظاميا اعلانيل جلسي کان هڪ ڏينهن اجازت نامو رد ڪري ڇڏيو هو. اجازت نه ملڻ باوجود پي ٽي آءِ جلسو ڪرڻ چاهيو ته اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا ريڊ زون سيل ڪندي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو، جاڙن شهرن ۾ ميٽرو بس سروس معطل ڪئي وئي. پنجاب ۾ 22 کان 24 آگسٽ تائين قلم 144 لاڳو ڪيو ويو. ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اجازت نه هجڻ باوجود چيو ته 3 وڳي اسلام آباد مان قافلا نڪرندا. بئريسٽر گوهر چيو ته عدالت جو حڪم آهي، اين او سي رد نٿو ڪري سگهجي. ٻئي پاسي اسلام آباد جي انتظاميا سخت شرطن سان پي ٽي آءِ کي 8 سيپٽمبر تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ 40 هدايتون شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد انتظاميا 22 آگسٽ جو اين او سي مذهبي جماعتن جي احتجاج جي ڪري رد ڪيو، 8 سيپٽمبر تي انتظاميا جلسي کي سيڪيورٽي فراهم ڪندي. جلسو ڪندڙ ماڻهو ڪنهن به شهري جا بنيادي حق متاثر نه ڪندا، 4 وڳي شام گڏ ٿيندا ۽ 7 وڳي جلسو ختم ڪرڻو پوندو، انتظاميا جي ڊيوٽي هوندي ته جلسو ختم ٿيڻ تي ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪري، ڪارڪنن کي جلسي واري هنڌ ويهڻ جي اجازت نه هوندي. پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ وارو عمل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. ملڪ نجي الله، وڪيل اظهر صديق معرفت درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ پنجاب حڪومت، گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي سي کي ڌر بڻايو ويو. پي ٽي آءِ جي 51 ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي. اها درخواست پي ٽي آءِ اڳواڻ يوسف وائين طرفان داخل ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.