اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اسلام آباد جلسو ملتوي ڪرڻ بعد جلسي لاءِ آيل ڪارڪنن ۾ پنج پنج هزار رپيا ورهايا ويا. ضلعي انتظاميا کان اجازت نه ملڻ باوجود پي ٽي اي ترنول ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پر مقامي انتظاميا به ڪنٽينر رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا هئا، جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان بعد پي ٽي اي جي ڪارڪنن ۾ 5، 5 هزار رپيا ورهايا ويا.ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوابي پهچي ڪارڪنن ۽ گاڏين جي ڊرائيورن کي به 5.5 هزار رپيا ڏنا
-
اچڪزئي مايوس، پي ٽي آءِ صلاح به نه ورتي!
اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي پي ٽي آءِ پاران جلسو ملتوي ڪرڻ تي پي ٽي آءِ کان شڪايت ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب اسلام آباد ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مخالف ڌر جي اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي پي ٽي آءِ جلسو ملتوي ڪرڻ کان اڳ اعتماد ۾ نه ورتو، منهنجي نالي سان عدالت م درخواست جمع آهي پر جلسو ملتوي ڪرڻ وقت مون کان صلاح ئي نه ورتي وئي.مخالف ڌر اتحاد جي اجلاس ۾ ترنول ۾ جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اجلاس ختم ٿيڻ بعد محمود خان اچڪزئي جي اڳواڻي ۾ وفد ترنول جلسه گاهه روانو ٿيو، اجلاس ۾ علامه راجا ناصر عباس ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.
-
ترنول ۾ جلسي واري هنڌان شير افضل مروت گرفتار ۽ آزاد
اسلام آباد (م ڊ) پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت کي حراست ۾ ورتو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ ڇڏي ڏنو. قومي اسيمبلي ميمبر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت کي اسلام آباد پوليس سندس گاڏي روڪي حراست ۾ ورتو ۽ گولڙا ٿاڻي کڻي وئي تنهن کانپوءِ کيس ڇڏيو ويو. شير افضل مروت کي ترنول جلسي گاهه واري هنڌان حراست ۾ ورتو ويو هو جتان 16 ڪارڪنن کي به حراست ۾ ورتو ويو. شير افضل مروت جي گرفتاري بابت سندس ٽوئيٽر اڪائونٽ تان تصديق ڪئي وئي هئي. پوليس ترجمان چيو ته شير افضل مروت کي ڏڦيڙ نه پکيڙڻ جي خاطري تي آزاد ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته شير افضل مروت اسلام آباد پوليس آفيسرن تي حملو ڪري کين زخمي ڪيو، هن ٻين سان گڏجي پوليس آفيسر جي وردي به ڦاڙي ڇڏي. ڇاپي وقت اسلام آباد پوليس آفيسر ايس ايڇ او ميان خرم جي شرٽ لاٿي وئي، گرفتاري جي وڊيو ۾ شير افضل مروت ساڳي پوليس شرٽ پهريل نظر اچي رهيو هو. شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته پوليس هٿيارن سميت حملو ڪيو، شير افضل مروت ڪارڪنن کي احتجاج جو سڏ ڏنو هو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جو ترنول ۾ جلسو ملتوي ڪيو ويو هو ۽ پوليس پاران قلم 144 لاڳو هو.