فيض حميد نيٽ ورڪ جو گهيرو تنگ، 12 رٽائرڊ ۽ حاضر سروس جج به جاچ ۾ شامل

لاهور (معظم فخر) اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد جي گرفتاريءَ کانپوءِ سندس نيٽ ورڪ خلاف وٺ پڪڙ تيز ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ نيٽ سان لاڳاپيل 631 ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ 11 رٽائرڊ جج، هڪ حاضر سروس جج کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ فوج جي 74  آفيسرن کي پڇا ڳاڇا ڪري 33 کي ڏوهي قرار ڏئي کين مختلف سزائون ڏنيون ويون آهن. 70 کان وڌيڪ ڪامورا کان به جاچ ڪئي پئي وڃي. ان کانسواءِ نيٽ ورڪ ۾ شامل 170 ماڻهو عدالتن مان رليف وٺي پرڏيهه فرار ٿي ويا آهن، انهن ججز کان اها پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ته پرڏيهه فرار ٿيلن کي ڪنهن جي چوڻ تي رليف ڏنو ويو. اهو به معلوم ٿيو آهي ته جنرل فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي آرمي ايڪٽ جي سيڪشن 31 تحت ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ جلد عمران خان کي به شامل ڪري سندس ڪيس به ملٽري ڪورٽ ۾ هلايو ويندو. ان سيڪشن تحت پاڪ فوج خلاف بغاوت ڪرڻ تي ڀڙڪائڻ جي ڏوهه ۾ فوجي اهلڪارن ۽ سويلين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، ان سيڪشن تحت سزا موت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.