ڪراچي واسين کي جهٽڪو، بجلي وري مهانگي ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد (م ڊ) ڪراچي ۾ بجلي ورهائيندڙ نجي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ نيپرا ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي 3 رپيا 9 پئسا وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ جولاءِ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، نيپرا اٿارٽي درخواست تي 29 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندي. درخواست جي منظوري سان ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي 6 ارب 20 ڪروڙ 60 لک رپين جو بار پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.