ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي)ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس کي پيش آيل حادثي ۾ ڪنڌڪوٽ واسي چئن عورتن سميت ڇهن ڄڻن جي تصديق ٿي وئي آهي، وارثن گھرن ۾تڏو وڇائي ڇڏيو آهي،فوتين ۾ سھرياڻي برداري جو هڪ سمورو خاندان ۽ ھڪ سيد نوجوان شامل آهي، وارثن پاڪستاني حڪومت کان پيارن جا لاش جلد گھرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
-
ايران بس حادثو، نئين ديري واسي زخمي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو
نئون ديرو(رپورٽر) ايران جي شهر يزد ۾ زائرين سان پيش آيل حادثي ۾ زخمي ٿيل نئين ديري واسي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو آهي. نئين ديري ڀرسان ڳوٺ ڪٻڙو جوڻيجو واسي 34 ورهين جو محسن پٽ حسن علي جوڻيجو جي فوت ٿيڻ تي وارثن تصديق ڪئي آهي. ان ڏس ۾ محسن جوڻيجو جي وارثن جو چوڻ آھي ته گذريل ڏينھن ايران ۾ پيش آيل بس حادٽي ۾ محسن زخمي ٿي پيو ھو، جيڪو ايران جي اسپتال ۾ آءِ سي يو وارڊ ۾ علاج هيٺ هيو جتي زخمن جا سور نه سھندي هن دم ڌئيءَ حوالي ڪري ڇڏيو آھي. نوجوان جي موت جي خبر پوڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.