پليجاڻي اسٽيشن( رپورٽ :واحد جان مري ) سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان مٽياري جي درگاه پير سرهندي جي سجاده نشين پير مجدد سرهندي جن سان سندن عزيز جي وفات تي تعزيت ڪئي،ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته مراد علي شاھ اڪيلو وڃي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ جو چڪر هڻي اچي ته امن امان جي صورتحال جي خبر پئجي ويندي سڄي سنڌ خصوصن اتر سنڌ اندر ڌاڙيل ڪلچر آھي جيڪو ڪنهن کان لڪيل ناهي،هن جو چوڻ هو ته سنڌ جي صورتحال تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي ان ڪري پاڪ فوج کان سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن کان بچائڻ آپريشن ڪرڻ جي درخواست ڪري چڪو آھيان اميد ته آرمي چيف ڌاڙيلن مان جان ڇڏائ سنڌ جي عوام کي رليف ڏيندو،هن چيو ته پنجاب ۾ عوام کي رليف ڏنو ويو آهي،اهو سٺو قدم آهي، آئون مريم نواز کي پنجاب اندر بجلي جي بلن تي عوام کي رليف ڏيڻ تي سلام ٿو پيش ڪريان. مهانگي بجلي سبب سڄي ملڪ جو عوام پريشان آهي اهڙي قسم جو رليف سنڌ سميت سمورن صوبن جي عوام کي ملڻ گهرجي.