ڀٽ شاھ: درگاھ ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي پاران درگاهه تي پھچي غير سرڪاري رسمن جي پڄاڻي واري دعا گهري ورتي، سيد خاور حسين شاه لطيفي درگاهه تي پھچي مريدن کي زيارت ڪرائي ڌاڳن جي رسم ادا ڪئي جڏهن ته درگاھ جي سجادہ نشين سيد وقار حسين شاه لطيفي پاران آمريڪا مان ٽيليفون ذريعي خطاب ڪندي عالم انسانيت لاءِ دعا ڪئي وئي سيد وقار حسين شاه لطيفي چيو ته ڀٽائي امن جو سفير آهي جنهن امن جو درس ڏنو آهي ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي اسان کي سندس ڏسيل راهه تي هلڻ گهرجي ملڪ خاص طور تي سنڌ جون موجوده حالتون بهتر نه آهن سنڌ ۾ امن جي ضرورت آهي خوشحالي جي ضرورت آهي هندو برادري کي به تحفظ ملڻ گهرجي، ڀٽائي جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ نفرتن ۽ بدامني جو خاتمو اچي سگهي ٿو ان موقعي تي سيد ياسر شاهه، صاحب خان شيخ، فقير دادلو لسڪاڻي، قربان لسڪاڻي، فقير بخت حسين بوداڻي، سيد ولي محمد شاهه ۽ ٻيا به موجود هئا
-
مولانا فضل الرحمان پاران شڪراني جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان
اسلام آباد(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان مبارڪ ثاني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته دنيا جي ڪا به طاقت ختم نبوت جي عقيدي خلاف سازش نٿي ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ مبارڪ ثاني ڪيس جو حتمي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ اعتراض وارين سمورين شقن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سمورين مذهبي جماعتن ۽ انهن جي ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيان ٿو.هن چيو ته چيف جسٽس وڏي فراخ دلي جو مظاهرو ڪيو آهي، چيف جسٽس جنهن مثبت رويي جو اظهار ڪيو آهي، ان تي کيس داد ڏيڻ گهرجي.وڏي عهدي تي ويٺل شخص چوي ته اسان کان به غلطي ٿي سگهي ٿي، ته اهو چوڻ ئي ڪافي آهي،