حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن تان سبسڊي ختم ڪري ڇڏي

اسلام آباد/ ڪراچي (م ڊ) سڄي ملڪ ۾ 4400 يوٽيلٽي اسٽورز تي سبسڊي مڪمل طور ختم ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب  سبسڊي ختم ٿيڻ سبب سمورن يوٽيلٽي اسٽورن جي بند ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، يوٽيلٽي اسٽورز بند ٿيڻ جي صورت ۾ 18 هزار کان وڌيڪ ملازمن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو.ياد رهي ته يوٽيلٽي اسٽورن تي رڳو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ماڻهن کي سبسڊي ڏني پئي وئي، يوٽيلٽي اسٽورن تي 5 ضروري شين تي 25 سيڪڙو سبسڊي ڏنل هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.