ڪراچي اوڀر (رپورٽ: شفقت نوناري)ڪراچي ھاڪس بي ڀرسان 3 ديھن ديھه ڇتارا، ديهھ الھٻنو ۽ ديھه مينڌياري جي 6 ھزار ايڪڙ زمين سنڌ حڪومت طرفان ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ خلاف ايس يو پي سربراھه سيد زين شاھه جي هدايت تي پٽيشنر رضا محمد ڪلمتي، محمد حيات ڪلمتي ۽ حسين ڪلمتي پاران سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل پٽيشن بعد سنڌ ھاءِ ڪورٽ طرفان ھاڪس بي ڀرسان زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ خلاف اسٽي جاري ڪندي ڪورٽ طرفان ڄاڻايل ٽنھي ديھن جي ڳوٺن جو جائزو وٺي رپورٽ ڏيڻ لاءِ ناظر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان مقرر ڪيل ناظر روينيو عملو ساڻ ڪري سرزمين تي پھتو. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽڊ لائيرز فورم جا اڳواڻ وڪيل عاقب راڄپر، اصغر ناريجو، مختيار سومار، محمد جمن پنھور، نويد خواجا، جڏھن ته ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ فتح محمد خاصخيلي، ڪراچي ڊويزن جو صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول، ڊويزنل سيڪريٽري منير مگسي ۽ ڪراچي ڊسرڪٽ ايسٽ جو صدر واحد مغيري پڻ ناظر سان گڏ ھئا. ان موقعي تي ڪورٽ طرفان مقرر ٿيل ناظر ديھ الھٻنو جي مختلف ڳوٺن جنھن ۾ ڳوٺ حسن فقير، نور محمد ڳوٺ، حاجي محمد ڳوٺ، يعقوب ڳوٺ، محمد علواڻي ڳوٺ، حاجي خيرو ڳوٺ، حاجي ابراھيم ڳوٺ، گل حسن ڳوٺ، جڏھن تـ ديھه مينڌياري، ديھه ڇتارا جي ڳوٺن جنھن ۾ مولا داد ڪلمتي ڳوٺ، رمضان ڪلمتي ڳوٺ ۽ عبدالله ڀنڊ ڳوٺ سميت ٻين ڳوٺن جو دورو ڪيو. ڳوٺاڻن ناظر کي ٻڌايو ته اسان ھتي پاڪستان آزاد ٿيڻ کان به اڳ جا آباد آھيون، ڳوٺاڻن طرفان ناظر کي انگريز دور جو رڪارڊ پڻ ڏيکاريو ويو، جڏھن ته ناظر ڳوٺن سان گڏ اسڪولن جو دورو پڻ ڪيو ۽ ڳوٺاڻن کان بجلي جا بل گھرائي پڻ ڏٺا.