ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي مڪاني ادارن ، هائوسنگ ٽائون پلاننگ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ رورل ڊولپمينٽ جي وزير سنڌ سعيد غني چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جو مسئلو اصل ۾ بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي نه پر بجلي چوري آهي.، اسان چاهيون ٿا ته سمورن صوبن جي صحافين کي سنڌ صوبي جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيون ۽ کين هتي هلندڙ ترقياتي ڪمن ۽ هلندڙ سرگرمين بابت آگاهي ڏين. ترقياتي ڪمن بابت آگاهي ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل رات هڪ مقامي هوٽل ۾ لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي دوري تي آيل 17 رڪني وفد جي اعزاز ۾ ڏنل ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سنڌ سيد خالد حيدر شاهه، انفارميشن سيڪريٽري سنڌ نادر رحمان ميمڻ، ڊي جي انفارميشن سنڌ محمد سليم خان ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا، هن چيو ته هن وقت سنڌ صوبي ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ ڪيترائي ميگا پراجيڪٽ تعمير هيٺ آهن. ان موقعي تي لاهور پريس ڪلب جي صدر ۽ وفد جي سربراهه ارشد انصاري چيو ته سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي خاص ڪري لال ۽ گلابي بسون سنڌ جي ترقي لاءِ هڪ اهم قدم آهي.