ڪارساز حادثي ۾ انصاف نه ٿيو ته پاڻ عدالت ويندس: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ڪارساز واقعي ۾ انصاف نه ٿيو ته گورنر جي حيثيت سان وارثن سان گڏ عدالت ويندس. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪار حادثي ۾ فوت ٿيل پيءُ ۽  ڌيءَ جي پونئرن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته ٻه زندگيون ضايع ٿيون، اسان کي انصاف ٿيندو نظر اچڻ گهرجي، جيڪڏهن انصاف نه مليو ته گورنر جي حيثيت سان ساڻن عدالت ويندس. ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪير ڪيترو به طاقتور هجي الله کان بچي نٿو سگهي، ڪارساز حادثي ۾ ناانصافي نه ٿيڻ ڏينداسين، وڪيلن سان رابطي ۾ رهنداسين، چيف جسٽس کي اپيل ڪندس ته هن ڪيس جي به نگراني ڪئي وڃي ته ڪٿي انصاف ٿيندو رهجي نه وڃي.

  1. ڊاڪٽر چني لال دولت ۽ دٻاءُ رد ڪري  عظيم مثال قائم ڪري ڇڏيو

لنڊن(انيق ناجي)ڪارساز روڊ حادثي جي مرڪزي جوابدار امير ترين عورت نتاشا جي ذهني حالت صحيح هئڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙ جناح اسپتال جي نفسياتي وارڊ جي سربراهه ڊاڪٽر چني لال هڪ سچي پاڪستاني هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي،هن  آئين پسند،سٺو ۽ سچو انسان هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي، سوشل ميڊيا تي اڪثر صارفن جي راءِ اها هئي ته هن جي جاءِ تي ڪو مسلمان ڊاڪٽر هجي ها ته طاقتور ماڻهو جيڪو چاهين پيا اهو کين ملي وڃي ها،ڊاڪٽر چني لال چاهي ها ته صنعتڪار جي زال کي ذهني مريض هئڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري 10،20 ڪروڙ آرام سان ڪمائي پئي سگهيو پر هن پنهنجي ضمير جو سودو نه ڪيو،اهڙيون ڳالهيون ئي اسان کي قانون جي حڪمراني ڏانهن وٺي وڃي سگهن ٿيون،جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به ڊاڪٽر چني لال کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

  1. نتاشا ڪيس ۾ ڪو به  دٻاءُ ناهي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پهچائي توهين عدالت جي درخواست تي حلف نامو جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ غلام بني ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته عدالت  جبران ناصر جي توهين عدالت واري درخواست تي بيان حلفي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.هن چيو ته نتاشا ڪيس کي پوليس تمام گهڻو مانيٽر ڪري رهي آهي جيڪڏهن ڪو دٻاءُ هجي ها ته پوليس جو رويو بدلجي وڃي ها.پوليس هن ڪيس کي پروفيشنل طريقي سان هينڊل ڪري رهي آهي.  هن ڪيس ۾ جيڪي به ثبوت آهن انهن جي ميرٽ تي چالان پيش ڪيو ويندو.جوابدارن کي پيش ڪرڻ  وقت ڪو به پروٽوڪول نه هو.  پريا ڪماري ڪيس ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي پر هن وقت ان کي ظاهر نٿو ڪري سگهجي. اسان پريا جي خاندان کي به ڪجهه وقت ڏيڻ لاءِ چيو آهي.

  1. ڪارساز حادثو: سينيٽ جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي رپورٽ گُهري ورتي

اسلام آباد (م ڊ) ڪراچي جي ڪارساز واقعي تي سينيٽ جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جوابدار عورت جي صحت بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين عامر چشتي جو چوڻ آهي ته جناح اسپتال انتظاميا کان جوابدار عورت جي ٽيسٽ ۽ صحت بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. جوابدارعورت جي ٽيسٽن ۽ ٻين ڪارروائين بابت عوام ۾ شڪ شعبو پيدا ٿيل آهي، عامر چشتي چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪجهه به غلط نه ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.