سکر/گهوٽڪي/ اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) پنجاب جي علائقي ماڇڪو فتع پور جي حد ۾ پنجاب پوليس جي ٻن گاڏين تي ڌاڙيلن جو حملو، 11 اهلڪار شهيد ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ھڪ ڌاڙيل شبو شر مارجي ويو، پنجاب پوليس جا اهلڪار ڪچي ۾ ڊيوٽي ڪرڻ بعد هفتي وار موڪل تي واپس اچي رهيا هئا سنڌ پنجاب جي دنگ ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين پوليس مٿان راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري ڏنو، پوليس اهلڪار ٻن موبائلن ۾ سوار هئا، سندن هڪ گاڏي برسات جي بيٺل پاڻي ۾ ڦاسي پئي، ان دوران ڌاڙيلن پاران مٿن حملو ڪيو ويو، حملي ۾ 11 پوليس اهڪار شهيد ٿي ويا ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۽ شهيدن جا مڙهه ايمبولينسن ذريعي رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اهڪارن ۾ محمد عثمان، عمران احمد، زاهد حسين، راشد علي، منير احمد، وسيم احمد، سعيد احمد، عباس علي، اجي رام، بيرم رام، فاروق احمد، عبدالله، انس علي، بلال، ايوب ۽ ٻيا شامل آهن.حملي کانپوءِ رحيم يار پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پنجاب پوليس پاران ڪچي لاءِ وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي، واقعي بعد ڊپٽي ڪمشنر خرم پرويز شيخ زيد ۽ ٽي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ايمرجنسي نافذ ڪندي سڀني ڊاڪٽرن کي فوري طور تي پهچڻ جي هدايت ڪئي، پوليس موجب ٻنهي پوليس موبائلن ۾ 24 اهلڪار سوار هئا، جن مان 4 اهلڪار گم آهن، ذريعن موجب پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل شبو شر مارجي ويو، ياد رهي ته شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، سکر، گهوٽڪي ۽ پنجاب جي ڪچي ۾ آئي ڏينهن ڌاڙيل پوليس تي حملا ڪري اهلڪارن کي شهيد ڪري رهيا آهن پر حڪومت ڪي ٺوس قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، هوڏانهن صدر آصف علي زرداري پوليس قافلي تي ڌاڙيلن جي حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان موجب صدر ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا برداشت نه ڪيا ويندا.وزيراعظم شهباز شريف به حملي جي مذمت ڪندي ڌاڙيلن خلاف فوري ۽ موثر ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس جي گاڏين تي ڌاڙيلن جي حملي جي مذمت ڪندي شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.چيو ته شهيدن جي سوڳوار وارثن سان گڏ آهيون، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به حملي جي مذمت ڪندي شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.