رپورٽن موجب سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي عورت شاخ احتجاج ڪندي چيو آهي ته لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ رڳو مرد اديبن کي دعوت ڏئي گهرايو ويو پر ڪنهن به اسڪالر عورت يا ليکڪا کي لطيف تي ڳالهائيڻ لاءِ مدعو نه ڪيو. عورت شاخ جي پڌرائي موجب هڪ طرف شاهه لطيف کي دنيا جو پهريون فيمينيسٽ شاعر سڏيو وڃي ٿو جنهن جا ڪيترائي سر عورت سورمين لاءِ هجن جنهن جي شاعري جو مرڪز به عورت هجي ان لاکيڻي لطيف جي نالي ۾ ڀٽ شاهه تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ عورت محققن ۽ ليکڪائن کي نظر انداز ڪرڻ انتهائي نامناسب آهي. عورت شاخ جو موقف آهي ته جديد دور ۾ جتي عورتون هر فيلڊ ۾ ڪاميابي جي ضمانت طور وڌي رهيون آهن اتي ادبي پليٽ فارم تي انهن سان ٿيندڙ ناانصافي حيرت ڏياريندڙ عمل آهي جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن طرفان عورتن کي پاسيرو ڪرڻ وارو اهو عمل جديد سماج جي تعمير ۾ انتهائي نا پسنديده عمل آهي ان ڪري مستقبل ۾ ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي،
هي ايڊيٽوريل لکندي ڪراچي جي ادبي شاخ جو به ان نوعيت جو موقف ظاهر ٿيو آهي، جنهن پڻ شاهه لطيف ڀٽائي جي 281هين عرس جي موقعي تي ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ سنڌي جي ليکاري عورتن خاص طور تي شاهه لطيف جي فن فڪر تي ڪم ڪندڙ اسڪالر عورتن جي شموليت کي نظرانداز ڪرڻ تي شديد ڏک جو اظهار ڪندي ان عمل جي مذمت ڪئي آهي.
اسان سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد ۽ ڪراچي جي عورت شاخن جي ان پڌرائي، پڌرائي ۾ لکيل هڪ هڪ لفظ ۽ احتجاج توڙي مذمت سان متفق آهيون ۽ بقول عورت شاخن جي ته مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به ذيادتي ۽ ناانصافي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ايئن ئي ڪراچي جي عورتن جي ادبي شاخ پڻ گذريل گڏجاڻي ۾ هڪ قراداد منظور ڪئي هئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته اها شاخ عورتن جي حقن ۽ انهن پاران ڪيل ڪنهن به قسم جي ادبي يا سماجي سرگرميءَ بابت غلط پروپيگنڊا ڦهلائيندڙڻ بابت پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي .
سنڌ جي ترقي پسند ۽ فيمينسٽ حلقي لاءِ يقينن اها اتساهيندڙ ۽ مبارڪ جوڳي خبر آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عورتن جي ادبي شاخن اهو فيصلو ڪيو آهي ته اهي هنن شاخن جي مورچن ۽ پليٽ فارمن تان سماج اندر عورتن سان ٿيندڙ ذيادتين، ناانصافين ۽ استحصال خلاف آواز اٿارينديون، احتجاج ڪنديون ۽ مذمت ڪنديون جنهن مقصد عورتن جي جائز حقن جو تحفظ هوندو اسان سمجهون ٿا ته اهو سڀ نياڻين جي وڌنڌڙ تعليم ۽ سياسي، سماجي، سائنسي، تاريخي ۽ ادبي شعور جو نتيجو آهي جو عورتن پنهنجا اهڙا ادارا، پليٽ فارم ۽ مورچا قائم ڪيا آهن جنهن ذريعي اهي عورتن جي حقن لاءِ اثرائتي نموني آواز اٿاري سگهن ٿيون جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچي جي عورتن جي ادبي شاخن ڀٽ شاهه جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ڀٽائي جي عورت محققن، لکڪائن ۽ دانشورن کي نظرانداز ڪرڻ تي پنهنجو جائز احتجاج رڪارڊ ڪيو آهي.
اسان ان رد عمل جي آجيان ڪريون ٿا. پاڻ سمجهون ٿا ته اها اصلاحي نشاندهي آهي جنهن کانپوءِ يقيني طور تي سنڌ جو ثقافت کاتو ايندڙ سال ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ ان نشاندهي کي ضرور ياد ڪندو ۽ ان کي مثبت نموني وٺي عورتن جي جائز نمائندگي جو خيال ڪندو هونئن به ڏسجي ته ڀٽائي صاحب جو شاهه جو رسالو گهڻي ۾ گهڻو سورمين جي سرن تي ٻڌل آهي. هن ٽي سئو سال اڳ عورتن کي سماج اندر جيڪو مقام ڏنو هو سو اڄ 21هين صدي ۾ به ان کي نه ملي سگهيو آهي. ان شاهه ڀٽائي جي ادبي ڪانفرنس ۾ ڪا عورت محقق مدعو ٿيل نه هجي ته ان تي واقعي به حيرت ڪرڻ گهرجي اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته اهڙي نشاندهي وري به عورتن جي ئي ادبي شاخن ڪئي آهي ڀٽائي صاحب ئي چواڻي ته ” پٽڻ واريون پڌريون ڳاڙها ڳل سندن، ٻيون ايئن ئي هٿ هڻن روئنديون روئڻ واريون“ سو ڀٽائي صاحب تي تحقيق ڪندڙ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ناليواريون محقق آهن جن کي ان ادبي ڪانفرنس ۾ گهرائي سگهجي پيو پر خير اميد ته اڳتي لاءِ اها نشاندهي ڪم ايندي ۽ ثقافت کاتو فراخ دلي سان ان ڏس ۾ پنهنجي اصلاح ڪندو پر في الحال اسان حيدرآباد ۽ ڪراچي جي عورتن جي ادبي شاخ کي جس ڏينداسين جن ان رخ ۾درست نشاندهي ڪئي آهي ۽ اميد ڪجي ٿي ته اهي اڳتي به عورتن جي حقن لاءِ ايئن ئي آواز اٿارينديون رهنديون.
هتي اسان ڪراچي جي ادبي شاخ کي به خراج تحسين پيش ڪنداسين جنهن پڻ ڪراچي ۾ رهندڙ عورتن کي اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي جتي نه رڳو اهي بي ڌڙڪ ٿي سينيئر ليکڪائن کان ادبي لکڻين ۽ شاعري تي پنهنجي اصلاح ڪرائي سگهن ٿيون، رهنمائي وٺي سگهن ٿيون پر ان پليٽ فارم تان هڪ قرارداد ذريعي عورتن جي سرگرمين خلاف ٿيندڙ پروپيئگنڊا کي منهن ڏيڻ جو تحرڪ وٺڻ جو پڻ ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي. اسان جو خيال آهي ته اهو مثبت عمل آهي ۽ ان جي وڏي وقت کان ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي. عورتن جي اشوز تي سماجي تنظيمون ئي آواز اٿارينديون ۽ احتجاج ڪنديون هيون پر هاڻي عورتن جي ٻن ادبي شاخن به اهو ذمو پاڻ مرادو پنهنجي ڪلهن تي رکي سٺو ڪم ڪيو آهي جنهن جي، سماج جي سڀني مڪتبئه فڪر جي ماڻهن کي آجيان ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به سماج جي ترقي عورتن جي حصو ونڊڻ کان سواممڪن ناهي.