سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي سرڪار کي لاڳيتو سورھن سال گذري چڪا آھن ، ھاڻوڪي سرڪار پنج سال پورا ڪيا ته ويهھ سالن جي حڪمرانيءَ جو رڪارڊ پورو ٿيندو، ھنن ويھن سالن ۾ گھڻو ڪجھه گذري ويو ، پيپلز پارٽيءَ کان ڪيترائي سينيئر اڳواڻ وڇڙي ويا، خاص ڪري مخدوم امين فھيم جھڙو سينيئر اڳواڻ پيپلز پارٽيءَ کان وڇڙي ويو ، جيتوڻيڪ مخدوم امين فھيم به پيپلز پارٽيءَ کان ڪيترائي ڀيرا ناراض رھيو ،پر ھن ڪڏھن به کليل لفظن ۾ ان جو اظھار نه ڪيو ھئو .
مخدوم امين فھيم جو خاص ڪري جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ انتھائي اھم ڪردار رھيو ،جڏھن ھن محترما بينظير ڀٽو ۽ اسٽبلشمينٽ وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو ھئو ، بينظير ڀٽو جي وطن واپسي لاءِ جنرل پرويز مشرف راضي نه ھئو ، ان ڪري جنرل پرويز مشرف مخدوم امين فھيم کي وزير اعظم بڻائڻ پئي چاھيو پر مخدوم امين فھيم اھا ڳالھه قبول نه ڪئي، مخدوم امين فھيم بينظير ڀٽو جي سڀ کان ويجھن ۽ با اعتماد ماڻھن ۾ شامل ھئو، سندس ساھ جون آخري ھڏڪيون به مخدوم امين فھيم ئي ٻڌيون ھيون، محترما جي شھادت بعد پيپلز پارٽي ۾ سڀ کان مضبوط ۽ سڀ کان اھم اڳواڻ به مخدوم امين فھيم ھئو ، آصف زرداريءَ کيس ملڪ جو وزير اعظم بڻائڻ جو اعلان به ڪيو ھئو پر بعد ۾ صورتحال بدلجي وئي ،2008 جي چونڊن بعد سنڌ جي مخدوم بدران پنجاب جي مخدوم کي وزير اعظم بڻايو ويو ھئو ،ڇوته سنڌ مان آصف زرداريءَ صدر بڻجڻ پئي چاھيو، ۽ مخدوم امين فھيم کي وفاقي وزارت ڏني وئي ان جي باوجود مخدوم امين فھيم زندگي جي آخري گھڙي تائين پيپلز پارٽي سان بيٺو رھيو.
ھن سان ٻيھر وفا ڪري ڏسبي
پاڻ سان ھڪ دفعو دغا ڪري ڏسبي
مخدوم امين فھيم جي لاڏاڻي بعد سروري جماعت ۽ پيپلز پارٽيءَ جون واڳون سندس گادي نشين مخدوم جميل الزمان جي حوالي ٿيون ، مخدوم جميل الزمان سنڌ ۾ روينيو جو وزير به رھيو ،بعد ۾ ھن قومي اسيمبليءَ جي سيٽ سنڀالي ۽ سندس پٽ صوبائي وزارت ۾ آيو ، مخدوم محبوب الزمان وٽ پھرين روينيو جي وزارت رھي پر ھن ڀيري کيس صرف بحاليءَ واري وزارت ڏيئي ماٺ ڪرايو ويو، سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۽ پيپلز پارٽيءَ جو ايم اين اي سندس پٽ کي سٺي وزارت نه ملڻ سبب ارھو، آھي ،گھڻا ماڻھو سندس تازن بيانن منجھان سندس ارھائي کي ڳولي رھيا آھن پر ياد رکڻ گھرجي ته مخدوم امين فھيم جي لاڏاڻي بعد ھي پھريون موقعو ناھي جو مخدوم جميل ناراض ٿيو ھجي ، ياد ڪريو ته عام چونڊن کان اڳ به مخدوم جميل الزمان ناراض ھئو ،ان کان اڳ به ناراض ھئو جو کيس پيپلز پارٽي جا سينيئر اڳواڻ مڃائڻ ويا ھئا.
مخدوم جميل الزمان تازو جيڪو فوج جي سربراھ کي پڪارون ڪيون ، يا سنڌ سرڪار جي باري ۾ جيڪو ڪجهھ ڳالھائي پيو ،اھو ڪو نظرياتي مسئلو ڪونھي ،نه ڪي پيپلز پارٽي کي بچائڻ جو مسئلو آھي ، پيپلز پارٽيءَ تي آصف زرداري ۽ سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري جو ئي ڪنٽرول رھڻو آھي پر شايد مخدوم جميل الزمان اھو سمجھي پيو ته پيپلز پارٽيءَ جي اندر مسئلا آھن ،ھو سمجھي پيو ته پيپلز پارٽيءَ سان ٻاھر به مسئلا آھن ، مخدوم جميل الزمان اھا ڳالھه به سمجھي ٿو ته اڄ ڪلهھ پيپلز پارٽيءَ جا اسٽيبلشمنٽ سان به معاملا ٺيڪ آھن ۽ ھو اسٽيبلشمنٽ جي ھر ڳالھه مڃي ٿي ته مخدوم صاحب سوچيو ته ھو پاڻ ڀلا سڌي ريت اسٽيبلشمنٽ سان ڇو نه رابطو ڪري ، پر ياد رکڻ گھرجي ته جيسيتائين آصف زرداري يا پيپلز پارٽي اسٽيبلشمنٽ سان فٽ آھن تيستائين جي ايڇ ڪيو سنڌ ۾ ڪنھن کي به گاھ نه وجھندي ، ايتري قدر جو پير پاڳاري جھڙو ماڻھو گذريل ھڪ سال کان اسٽيبلشمنٽ کان ناراض لڳو ويٺو آھي پر کائنس ڪير پڇي ئي نه ٿو.
مخدوم جميل الزمان جي تازي ڪھاڻي بشير ميمڻ جي گورنر بڻجڻ وارين خبرن سان شروع ٿئي ٿي جڏھن ميڊيا ۾ اھڙيون خبرون آيون ته آصف زرداري کي مسلم ليگ نه راضي ڪري وڌو آھي ته بشير ميمڻ سنڌ جو ڀلي گورنر ٿئي. اھا خبر ئي درست نه ھئي پر جيئن ته بشير ميمڻ مخدومن لاءِ بھرحال مٽياري ضلعي ۾ ھڪ چئليج آهي سو جيڪڏھن پيپلز پارٽي جي مرضيءَ سان بشير ميمڻ گورنر بڻبو ته مخدوم جميل لاءِ تڪليف جي ڳالھه ته ھوندي. ( جيتوڻيڪه بشير ميمڻ گورنر نه پيو بڻجي ) ، مخدوم جميل الزمان راڻي پور جي پيرن وٽ به ھلي ويو ، اتي به پنھنجي موقف کي ورجايائين ، ممڪن آھي ته ايندڙ ڪجھه ڏھاڙن ۾ ڪجهھ اھڙن ماڻھن سان به ملي جيڪي بظاھر پيپلز پارٽي ۾ ھوندي به خوش ناھن ، يا اھڙن ماڻھن سان ملي جيڪي پي پي مخالف آھن ، مخدوم صاحب ايم ڪيو ايم سان به ويجھڙائپ چاھي پيو، اسٽيبلشمنٽ سان به سٺا لاڳاپا چاھي پيو، پيپلز پارٽي ڇڏڻ به نه ٿو چاھي ، پي پي ۾ رھي ڪري آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري تي دٻاء به وڌائڻ ٿو چاھي.
مخدوم جميل الزمان اڃا تائين پيپلز پارٽيءَ خلاف ھڪ دائري ۾ رھي يا ڪنھن حد تائين مخالفت پيو ڪري ان ڪري في الحال پيپلز پارٽيءَ جا وزير مخدوم جميل الزمان جي ڳالھين جو ڪوبه جواب نه ڏين پر جنھن ڏينھن مخدوم صاحب حد پار ڪئي ته کيس جواب ڏيڻ وارا به ميدان تي اچي ويندا ، جيتوڻيڪه مخدوم جميل الزمان ذوالفقار مرزا واري پوزيشن ۾ اڃا تائين ناھي ،نه ڪي مخدوم جميل الزمان ذوالفقار مرزا جھڙو رويو رکي سگھي ٿو پر ياد رکڻ گھرجي ته 2011 ۾ ذوالفقار مرزا جي پارٽي ۽ سنڌ حڪومت ۾ سگھاري پوزيشن ھئي پر مخالفت ڪرڻ بعد ھو پيپلز پارٽيءَ ۾ رھي ڪونه سگھيو ، تڏھن ذوالفقار مرزا به سنڌ ۾ اچي جيڪو ڪجھه ڪيو ان لاءِ ملڪ جون سگھاريون ڌريون ساڻس گڏ ھيون پر پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ڪري ھو پارٽي ۾ ھلي نه سگھيو.
ان ڪري مخدوم جميل الزمان کي به سوچڻو پوندو. اوھين ڪيڏا به سگھارا ھجو پر جي اوھان ڪنھن سياسي پارٽي ۾ آھيو ،اوھان سياسي پارٽي جي حڪومت ۾ به شامل آھيو ته پوءِ اوھان ان پارٽيءَ جي نظم ۽ ضبط کي ڪيئن ٿا ٽوڙي سگھي ، اھڙي صورت ۾ اوھان کي يا ته ذوالفقار مرزا وانگر پارٽي ڇڏي ميدان تي لھڻو پوندو ،پوءِ اوھان جي قسمت اوھان سان ، يا وري پنھنجا اختلاف پارٽي اندر ويھي حل ڪرڻا پوندا. ماڻھو چون پيا ته مخدوم خاندان جا ھڪ ئي وقت ٻه نوجوان سنڌ سرڪار ۾ آھن ، ماڻھو اھو به چون ٿا ته سنڌ سرڪار سنڌي ادبي بورڊ جھڙو ادارو ڄڻ مخدوم خاندان کي لکي ڏنو ھجي ، ماڻھو ئي چون پيا ته مخدوم صاحبان ڪڏھن به علائقي جي عوام جي مسئلن لاءِ حڪومت ۾ رھندي نه آواز اٿاريو نه عوام جا مسئلا حل ڪرايا. ماڻھو ته اھو به چون پيا ته مخدوم صاحب جي فرزند ارجمند کي سڻڀي وزارت ملي ته سروري جماعت جو روحاني پيشوا ماٺ ٿي ويندو.
سڀ ڳالھيون ڇڏيو ،سڄي صورتحال جو سياسي تجزيو ٿا ڪريون ته ڇا ملڪ ۾ ڪنھن نئين سيٽ اپ جون ڳالھيون ھلن پيون ، ملڪ ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ جي حڪومت ڊاھي ڪجھه نئون سيٽ اپ آڻڻ لاءِ وڏا وڏا تجزيي نگار سوال اٿاري رهيا آھن ته ڇا مخدوم جميل الزمان پيپلز پارٽي ڇڏي ڪنھن نئين سياسي سيٽ اپ جو حصو ٿيندا، گھٽ ۾ گھٽ منھنجو جواب نه ۾ ھوندو ، مخدوم خاندان پيپلز پارٽي نه ٿو ڇڏي سگھي ،مخدوم خاندان جا ويجھا حلقا چون پيا ته دور بدلجي ويو آھي ، مخدوم خاندان جي نئين نسل مخدوم امين فھيم وانگر خاموش ويھڻ واري ناھي. جيڪڏھن اھا ڳالھه سچ به ھجي ته پوءِ ايندڙ عام چونڊن جو انتظار ڪرڻ گھرجي جڏھن مخدوم خاندان جي اصلي ناراضگيءَ جي خبر پئجي ويندي.