مولانا فضل الرحمان جي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ جي ڪوشش!

تحرير: وسي بابا

مولانا فضل الرحمان ڪپتان جي، پي ٽي آءِ سان گڏ تحريڪ هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مولانا جو چوڻ  آھي ته اسان پاڻ ئي هلائينداسين. ان سان گڏ هن اداري اندر صفائي سٿرائي تي به ڪنھن حد تائين  اطمينان  ظاهر ڪيو آھي.

جنرل فيض جي گرفتاري جي حوالي سان هڪ ڳالهه ياد رکڻ ۽ سمجهڻ جي آهي. ريٽائرمينٽ کان پوءِ آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي وارو نقطو سوچيو،ادارو دوران سروس ھن جي قدمن کي تسليم ڪري رھيو آھي.تڏهن هو پنهنجي ڊيوٽي ڪري رھيو ھو. هن جي ڊيوٽي تي اسان کي جيڪو به اعتراض ھجي يا خيال هجي ،اھو ڀلي ھجي. ٻي ڳالهه ھي آهي ته جڏهن پنڊي پنهنجي گهر جي صفائي ڪري رهيو آهي ته پوءِ  ٻين کي پراڻيون فلمون ھلائيندي ڏسندو رهندو ؟ پي ٽي آءِ جوڊيشري ونگ جي شامت اچڻي  يا آڻڻي بڻجي ٿي. پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪري چڪي آھي، عدليھ ونگ جيڪڏهن پاڻ نه سمجهي، جنھن جو  امڪان گھٽ ئي آھي.تھ پوءِ جيڪو ٻھ رڪني اختلافي نوٽ آيو آھي ، ان موجب اٺن ججن آئين کي (ري رائيٽ ) ٻيهر لکيو آهي.

ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽون  پراڻي حالت ۾ بحال ڪرڻيون پونديون. حڪومت کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي ويندي. ان کان پوءِ پارليامينٽ آئيني ترميم آڻي يا ججن تي آرٽيڪل ڇھھ لڳائي.آرٽيڪل ڇهھ جي ڪارروائي پارليامينٽ ئي شروع ڪري ٿي. اهو هاڻي ٿيندي ڏسڻ  ۾ اچي رھيو آھي. پ پ ۽ نون ليگ جڏهن به ساڄو ھٿ ڏيکاري کاٻو ھڻڻو ھوندو آھي تھ اھي اڳ پاڻ ۾ وڙهڻ جو ڊرامو ڪندا آھن. بجلي بلن ۾ گھٽتائي تي پنجاب ۽ سنڌ جا وڏا وزيرن اھڙو پيار محبت ڏيکاري چڪا آھن.سڀني جو ڌيان ڪنھن ٻئي پاسي موڙي چڪا.

ڪپتان پهرين اسپورٽس جي ڪوٽا تي  وزيراعظم بڻيو، ان کان پوءِ انھي ئي اسپورٽس ڪوٽا تي  ڀٽو ٿيڻ جي طرف روان دوان آهي. ڊوڙ لڳائڻ جي لاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر جي چونڊ وڙهڻ جي اسڪيم چڱي آهي. برطانيا بهادر کي پنهنجي نالي واري درسگاھ  جي چانسلر يا ان جي اميدوار کي بچائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙتھ ڪرڻي پوندي.

پر رڪاوٽ ھي آهي ته برطانيا ۾ فيڪ نيوز سان فساد ڪرائيندڙ فرحان آصف جي گرفتاري گھڻو ڪجهھ بدلائي ڇڏيو آھي.برطانيا جو ملزم ھتان گرفتار ٿيو آھي ته ان جي بدلي ۾ ڪا شڪايت تھ اسان بھ درج ڪرائي ھوندي. فيڪ نيوز پاپولرزم سڀئي ڀوڳي رھيا آهن. حڪومتون هر هنڌ ڦاٿيون پيون آهن.

پاڪستان هڪ لحاظ کان طاقتور ملڪ آهي. چڱن ڀلن کي جرئت ناهي ٿيندي ته اھي چاهيندي به پاڪستان کي ڇيڙين.اسان ڪڏهن ڪجهه وڪڻندي پڪڙجي پياسين. ڪڏهن اسان وٽان  سڄي دنيا کي گهربل شخص پڪڙيو ويو، ڪڏهن اسان تي ڪارگل جو بحران کڙو ڪرڻ جو آئٽم فٽ ٿي ويو.نان اسٽيٽ ايڪٽرز ۾ ھوا ڀرڻ جو ڪم ڪندي بھ اسان کي ڳالھيون ٻڌڻيون پيون، ڪجهه چيو نھ ويو.

اهو سڀ ڪجهه ڪندي بھ اسان ڪنھن پڪڙڻ ۾ اچڻ  بدران نظرانداز ڪيا وياسين . ان جي سبب تي غور ڪريو. هڪ سياسي مذاق ۽ حقيقت ڏسو ته اسان جي مقبول ترين ليڊر کي گولي لڳي ٿي ان تي احتجاج ڪونھ ٿو ٿئي، ان جي گرفتاريءَ تي تھ 9 مئي ٿي ٿو وڃي .ان جو ڪريڊيٽ فيض ڏانهن ويندي نظر اچي ٿو. فيض خلاف ڪارروائي تي پاڪستان کان ٻاهر ڪيترن ئي اهم هنڌن تي اطمينان جو اظهار ڪيو پيو ويندو ھوندو ته  ڳڻتي جي ڳالهه ناهي ڊسپلين ادارو آھي، باس جو ڪنٽرول مستحڪم آهي. سک جو ساهه کنيو ويو ھوندو. جيڪو ڪجهه جاري آهي، ان ۾ مولوي ڪٿي به نه آهن، ان ڪو نئين آئٽم اھڙو  خاص پيش بھ ناھي ڪيو،جو ان تي ڏنڊو کنيو وڃي. چيف جسٽس جي ھي پٺيان پئجي ويو آھي هڪ فيصلي کي کڻي ڪري.

مولوي صاحبن کي سمجهڻ گهرجي ته معيشت اھو واحد ئي  سبب ھو  جنھن جي ڪري پاڪستان ۾ سڄو بگاڙ هلي رهيو آهي. پئسا لڳائڻ وارا سيٺ واحد اعتراض اھو ئي ڪندا ھئا ۽ ڪندا آھن تھ توھان جي رٽ ڪٿي آھي. اھڙي صورتحال ۾ جڏهن پنڊي عدالت، پارليامينٽ  هر طرف صفائي جو عمل شروع ٿيڻ وارو آهي. مولوي ڪوشش محنت سان ڌيان پاڻ ڏانهن  ڇڪائيندي،ٽرڪ جي ھيٺان اچڻ جي ڪري رھيو آھي.  اهو به هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان مان  ملٽي نيشنل ڪمپنيون  عدم استحڪام سبب نڪري رهيون آهن.انھن جي جاءَ تي جيڪي اچي رهيون آهن انهن ملڪن جون آھن، جتي اٿارٽيز انداز جون حڪومتون آھن. بهتر اھو آهي ته سرائيوو ڪريو،بچي وڃو  پرسڪون رهو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.