ڇا عمران لاءِالطاف واري فارمولي تي ڪم ھلي پيو؟

تحرير: حبيب ٽالاڻي

باني پي ٽي آءِ عمران خان اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مطالبو ڪيو آھي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جو اوپن ٽرائل ڪيو وڃي ۽ صحافين کي ٽرائل جي ڪوريج تائين پھچ ڏني وڃي اھڙي مطالبي کان اڳ باني پي ٽي آءِ عمران خان پاران اھو خدشو پڻ ظاھر ڪيوويو ھو ته فيض حميد کي ھن خلاف واعدا معاف گواھ بڻايو ويندو جيئن مونکي ملٽري ڪورٽس ڏانھن وٺي وڃجي ان ڪري ته مون مٿان داخل ڪيل ڪيس عدالتـن مان خارج ٿي رھيا آھـن ان ڪري مونکي ملٽري ڪورٽس ۾ پيش ڪرڻ لاءِ فيض حميد وارو ڊرامو رچايو پيو وڃي.

ٻئي پاسي عمران خان جي اھڙي بيان بعد سيڪيورٽي جي ذريعن جا اھي بيان سامھون آيا آھـن ته فيض حميد ٽرائل فوج جو اندروني معاملو آھي ان لاءِ مطلب فيض حميد لاءِ عمران خان پريشان نه ٿئي ذريعن اھو پڻ چيو ته جيڪڏھن عمران خان جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ٿيو ته پوءِ اھو اوپن ٽرائل ھوندو جنھن سان سڄي دنيا کي خبر پوندي ته عمران خان ڇا ڪندو رھيو ۽ ڇا ڪرائيندو رھيو ھاڻي ھن سڄي صورتحال ۾ سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا واقعي عمران خان کي ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃڻ جي تياري ٿئي پئي؟

ان حوالي سان ڏسجي ته توڙي جو عمران خان جيل ۾ قيد آھي پر اڄ تائين مختلف ادارن ۾ ھن جا ھمدرد موجود آھن انھن ذريعي عمران خان وٽ اھي خبرون پھچي چڪيون ھونديون ته اوھان کي ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃبو ان ڪري عمران خان جيڪو اڳ چوندو رھيو ته  فيض حميد جي گرفتاري منھـجي لاءِ ڪي به  مسئلا پيدا نه ڪـندي نه وري منھنجو فيض حميد سان ڪو واسطو آھي پر وري ھڪدم عمران خان پاران فيض حميد کي واعدا معاف گواھ بڻائي کيس ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃڻ جي ڳالھه مان ظاھر ٿئي پيو ته دال ۾ ڪجھه ڪارو ضرور آھي عمران خان کي ان ڪري به اھو شڪ آھي ته  کيس ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃبو جو ملڪي عدالتن مان کيس تڪڙو رليف ملي رھيو آھي ان جو ھر گز اھو مطلب ناھي ته عدالتون غلط فيصلا ڪري رھيون آھن اصل ۾ جيڪي ڪيس باني پي ٽي آءِ مٿان داخل ڪيا ويا انھن ڪيس جي جاچ بلڪل ناقص ۽ ثبوت نه ھجڻ برابر آھن ان ڪري باني پي ٽي آءِ مضبوط ڪيسن مان به بري ٿيندو رھيو آھي.

ٻئي پاسي وفاقي حڪومت توڙي اسٽيبلشمنٽ اھڙي صورتحال ۾ پريشان آھن ته ڇا ڪجي؟ ان ڪري ٿي سگھي ٿو ته عمران خان کي ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃن جتان عمران خان جو بري ٿيڻ ناممڪن ھوندو ان ڪري عمران خان ڪوشش ڪري رھيو آھي ته فيض حميد واري اشو کي اٿاري اڳواٽ اشو پيدا ڪـجي جيئن اسٽيبلشمنٽ طرفان کيس ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ٿئي ته عدالتن ۾ وڃي اھڙي عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪجي ھتي سوال اھو به پيدا ٿي رھيو آھي ته آخر فيض حميد خلاف ڪھڙا چارج لڳايا ويا آھن؟ ان باري ۾ اڃان تائين ڪي خاص ڳالھيون سامھون ناھـن آيون پر اھو ضرور آھي ته فيض حميد جي گرفتاري ان کان پوءِ اسٽبلشمنٽ جي ڪجھه ٻين شخصيتن جي گرفتاري اڳوڻي چيف جسٽس بابت ھلندڙ خبرن مان اھو ظاھر ٿي رھيو آھي ته فيض حميد رٽائرمنٽ بعد ملٽري قانونن جي ڪٿي نه ڪٿي ڀڃڪڙي ضرور ڪئي آھي جنھن ڪري کيس ڪورٽ مارشل ڪيو پيو وڃي باقي اسٽيبلشمنٽ جو سياست ۾ مداخلت ڪا نئين ڳالھه ناھي ماضي کان وٺي حال تائين اسٽيبلشمنٽ ملڪي سياسي ۾ مداخلت ڪندي رھي آھي نوازشريف جي سياسي تربيت کان عمران خان جي سياسي تربيت ڪئي حڪومتون ٺاھڻ توڙي ڊاھڻ پنھنجا ماڻھو سياست ۾ آڻي اقتدار ۾ ويھارڻ وارا عمل سڀ جي اڳيان آھن مونکي اڄ به مرحوم ڊاڪٽر عامر لياقت جا اھي لفظ ياد آھن جڏھن ھو عمران کان نارض ھو ان وقت قومي اسيمبلي جي بلڊنگ ۾ ھڪ صحافي ھن کان سوال ڪيو ته اوھان اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ڪيئن آيا آھيو ته ھن جواب ڏنو آيو ناھيان آندو ويو آھيان آڻڻ وارا ڪير ھئا اھو سڀني کي خبر آھي ان وقت شايد قومي اسيمبلي ۾ ڪنھن اشو تي ووٽنگ ٿيڻي ھئي مون کي اشو ٺيڪ سان ياد ناھي پر ان مھل ڊاڪٽر عامر لياقت عمران کان ناراض ھو   اسان کي گھڻو پٺتي نه وڃڻ گھرجي.

گذريل چونڊن ۾ جيڪو ڪجھه ٿيواھو اسان سڀني جي سامھون آھي ھارائڻ وارن کي ته ڇڏيو کٽڻ واران جا ھٿ به  مٿي تي اچي ويا ته اسان کٽيو ڪيئن آھي؟ ان کي ڇڏيو ڇا ڪير اھو سمجھي سگھيو آھي ته  غير سياسي اڳوڻو نگران وزير اعلي محترم جمھوريت پسند سائين محسن نقوي صاحب ڪيئن نگران  وزيراعليٰ جي ڪرسي ڇڏڻ بعد وڃي نواز ليگ جي حڪومت جو وزير داخلا سان گڏوگڏ چيئرمين پي سي بي ٿي ويٺو آھي خود نوازليگ وارا به حيران آھـن ان کي ڇڏيو بلوچستان جو وزير اعليٰ بگٽي چونڊن کان ڪجھه مھينا اڳ کيس پ پ ۾ اعلان ڪرايو ويو سوري متان ڦاسي پئون ، سائين پاڻ پ پ ۾ اعلان ڪيو پوءِ ٿيو ڇا صادق عمراڻي جھڙا جيالا جن سڄي زندگي پ پ کي ارپي ڇڏي جيل ڪاٽيا ٽارچر سيلن اندر تشدد برداشت  ڪيو پر پارٽي سان بي وفائي نه ڪئي پ پ قيادت صادق عمراڻي جھڙي بھادر ۽ وفادار جيالي کي  وزيراعليٰ بڻائڻ بدران چونڊن کان ڪجھه مھينا اڳ پارٽي ۾ اعلان ڪندڙ سرفراز بگٽي کي  وزيراعليٰ بڻائي ڇڏيو خير اھا به جمھوريت آھي پ پ وارن جي مرضي صادق عمراڻي جھڙي سچي بھادر ۽ وفادار جيالي بدران اڏرندڙسياسي پکي سرفراز بگٽي کي  وزير اعليٰ بڻائن ان کي ڇڏيو اسان ڪير ٿيندا آھيون اعتراض ڪرڻ وارا ھتي اسان وٽ سنڌ ۾ فيصل واوڊا اسان جي اڳيان آھي محترم ڪنھن به پارٽي ۾ ناھي پر سينيٽ چونڊن ۾ سينيٽر چونڊجي وڃي ٿو اھا به  جمھوريت جي نشاني آھي بابا اسان جو ڇا سمجھڻ وارا سمجھن ٿا ته انھن کي نوازڻ وارا ڪير آھن اھي ته ماضي جي ڳالھه آھي انھن مامرن ۾ اسٽيبلشمنٽ جي مداخلت ۽ فيض حميد واري مامرن ۾ فيض حميد جي مداخلت ۾ فرق اھو ضرور آھي ته اھي ماضي وارا فيصلا اداري جا ھئا ۽ فيض حميد مٿان جيڪي الزام لڳي رھيا آھن اھي اداري جا نه فيض حميد جا ذاتي فيصلا ٻڌايا پيا وڃن ان ڪري فيض حميدٽرائل کي منھن ڏيئي رھيو آھي.

فيض حميد جي ٽرائل واري مامري تي عمران خان پريشان آھي عمران خان سميت سندس پارٽي پڻ پريشان آھي ته باني کي ملٽري ڪورٽس کان ڪيئن بچائجي حڪومت ۽ اسٽيبلشمـٽ پاران عمران کي سوڙھو ڪرڻ بعد پي ٽي آءِ به  ڪجھه ڪرڻ جي موڊ ۾ آھي اڄ پي ٽي آءِ پاران اسلام آباد ۾ جلسوڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي ھي سٽون لکڻ تآءِن اسلام آباد انتظاميا پاران پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ناھين ڏني وئي ان جي باوجود  وزيراعليٰ ڪي پي ڪي وڊيون بيان جاري ڪندي ڪي پي ڪي جي عوام کي ٻاھر نڪري اچڻ جو چيو آھي  وزيراعليٰ ڪي پي ڪي اعلان ڪيو ته اسلام آباد طرف ريلي جي قيادت ھو پاڻ ڪندو جيڪڏھن آءِن ٿيو  ۽ وفاقي حڪومت ريلي کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ته  ٺيڪ پر جيڪڏھن ريلي کي اسلام آباد جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي ۽  وزيراعليٰ ڪي پي ڪي زبردستي ريلي کي اسلام آباد ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ ريلي جي حالت عمران خان جي لانگ مارچ جھڙو ٿيندو ۽ ان جا وفاق توڙي ڪي پي ڪي جي سياسي حالتن مٿان پڻ اثر پوندا ٿي سگھي ٿو ته ڪي پي ڪي  وزيراعليٰ اندروني طورتي اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھيون ڪري اھو طئي ڪري ته بابا ڪو وچ وارو رستو ڪڍو جـھن سان اسان جي به  واھ واھ ٿئي خير اھو ته رات جو پتو پوندو ته ڇا ٿو ٿئي پر موجودا ملڪي حالتون بھتري بدران خرابي طرف وڃي رھيون آھن عمران خان ھر حالت ۾ ٻاھر نڪري اقتدار ٿو چاھي اسٽيبلشمنٽ معافي واري ڳالھه کان به  اڳتي نڪري وئي ان ڪري عمران خان کي زير ڪرڻ لاءِ الطاف حسين واري فارمولي تي عمل شروع ٿي چڪو آھي الطاف حسين تي آزمايل فارمولي کان سواءِ عمران خان کان جان ڇڏائڻ وس وارن جي وس کان ٻاھر نظر اچي پيو ان ڪري الطاف واري فارمولي کي آزمائڻ جو فيصلو ٿي چڪو آھي اڳ ۾ عمران کي ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃبو اتان سزائون ڏياري الطاف حسين وانگي پابنديون لڪائڻ طرف ڪم شروع ٿي چڪو آھي پر ھي اسان جي ملڪ جي سمجهه ۾ نه ايندڙ سياست آھي ھتي ٿيندڙ شيون رھجي وينديون آھـن ۽ وري ڪڏھن نه ٿيندڙ شيون ٿي وينديون آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.