خيرپور شھر کان 15 منٽن جي مفاصلي تي تعلقي خيرپور ۽ پيرپاڳاري جي تعلقي ڪنگري جي شھري پاسي ڏانھن جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي ماڻھن جا ڳوٺ موجود آھن يعني سمورا ڳوٺ پير جوڳوٺ شھر کان سکر ۽ خيرپور شھرن جي مين رستن تي موجود آھن جنھن ۾ قومي ھيرو مرحوم سرمد سنڌي جو شھر پريالو به شامل آھي.
اڄ کان تقريبن 20 سال پھريان به اھي ٻئي برادريون پاڻ ۾ وڙھيون ھيون ۽ ھڪ ٻئي جا ڪافي ماڻھو ماري ڇڏيا هئا ۽ وچ ۾ وقفن بوقفن ھنن ڌرين ۾ مسئلو ٿيندو رھيو پر ٻنھي ڌرين جا چڱا مڙس جھيڙو روڪرائيندا رھيا جيڪو ھڪ سٺو عمل ھو پر ھن ڀيري ڪارو ڪاري جي معاملي تان وڌيل خونريزي سبب 4 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن جڏھن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آھن ٻنھي ڌرين ۾ گذريل ٻڻ مھينن کان جھيڙو هوائي فائرنگ جو سلسلو ھلي پيو جيڪو ھن وقت خوني تڪرار جي شڪل اختيار ڪري چڪو آھي
جيڪڏھن سياسي اڳواڻ ٻنھي ڌرين جا سردار جھيڙي کي ختم ڪرڻ لا پنھنجي مڪمل توانائي صرف ڪن ھا ته اڄ ھي جھيڙو انھيءَ حد تائين نه وڌي ھا. مان پڙھندڙن کي ٻڌائيندو ھلان ته ٻنھي ڌرين جھيڙي جي مڪمل تياري ڪري ورتي آھي جھيڙي ۾ استعمال ٿيندڙ ھٿيارن جي خريد و فروخت جو سلسلو گذريل ٻن مھينن کان جاري آھي افسوس جو ضلعي جا چڱا مڙس اھو سمورو تماشو ڏسندا رھيا.
هن ليک جو مقصد ٻنھي ڌرين جي نوجوانن لاءِ آھي ته اوھين پنھنجو تعليمي شعوري ذھن استعمال ڪري ايندڙ وقت امڙين جي جھولين نياڻين جي والدين اولادن جي پيئرن جو سوچي ھن جھيڙي کي ختم ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. جھيڙي سبب جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻنھي برادرين جا ھزارين مزدور ڳوٺن تائين محدود ٿي ويا آھن جن جي گھرن ۾ ٻچڙا اولادون نياڻيون پوڙھا عورتون بکن تي ويٺل آھن جيڪي ھڪ وقت جي به ماني نه پيا کائي سگھن بغير مزدوري جي ماڻھو گھرن ۾ روئي رھيا آھن گھرن کان ٻاھر نـ پيا نڪري سگھن گھرن ۾ قيامت جھڙا منظر لڳا پيا آھن
ٻنھي ڌرين جون زمينون بغير پوک جي سڙي رھيون آھن چوپايو مال ٻڪريون مينھون توڙي گھرن ۾ بيٺل پکي بـ جھيڙي سبب بک ۾ مري رھيا آھن زمينون ويران ھزارين مزدور گھرن ۾ محدود آھن چوڪ چوراھا ويران ڪيترين ئي مزدورن جا دڪان ڊاٿا ويا ۽ ڪيترن جون ئي جھوپڙيون اڃان به ڊھي رھيون آھن ھن جھيڙي جي آڙ ۾ ڪچي توڙي پڪي جا ڏوھاري ڦورو ڌاڙيل پھچي چڪا آھن ھن علائقي جي سمورن روڊن گھٽين ۽ چونڪن تي موٽر سائيڪلون ڪارون ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آھي مختلف ڦرن جي واقعن ۾ 3 قتل ٿي چڪا آھن ھن سموري علائقي ۾ خيرپور ۽ سکر وڃڻ به ايئن آھي جيئن وانا ۽ وزيرستان وڃڻ.
سوشل اڪائونٽس تي نوجوانن کي گھرجي تـ ھو پيار جو پيغام ڏين. خون ھڪڙو ٿي ويو يا 100 وري بـ ٿڪجي ٿڪجي ٻئي ڌريون ڳالھين ڏانھن ئي وڌنديون پر ان وقت گھڻو نقصان ٿي چڪو ھوندو خبر ناھي ڪيترن گھرن جا جنازا نڪرندا پو ٺاھ ٿيندو خدارا فائرنگ ڪرڻ وقت بس اھو سوچيو تـ توھان جي گولي سان قتل ٿيندڙ جي لاش جڏھن ان گھر ۾ داخل ٿيندي ته انھي فرد جي نياڻين ڀينرن امڙين جي زبانن تي يا حسين يا حسين جا لفظ ھوندا ان وقت جڏھن ڪا نياڻي پنھنجي پي جو گولي لڳل لاش ڏسندي يا ڀيڻ پنھنجي ڀا جو چچريل لاش ڏسندي ته انھن جي دلين مان ڪھڙيون آھون نڪرنديون.
توھان پاڻ سوچيو آخري حل وري بـ فيصلو آھي ھن وقت اڃا جھيڙو ڪنٽرول ۾ آھي جيڪڏھن ھڪ بـ ڌر جو ڪو چڱو مڙس قتل ٿيو تـ پو ھي علائقو ميدان جنگ بڻجي ويندو پو ڪافي قتل ٿيندا ۽ ھي علائقو سالن تائين پوئتي پئجي ويندو جنھن جا ذميوار اسين سڀ اھل علم ھوندا سين پوليس پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھي آھي پر پوليس بـ ھزارين ماڻھن ھزارين گھرن کي ڇا ڪندي ڪيئن ڪنٽرول ڪندي ٻئي ڌريون مورچا بند ويٺل آھن پري پري کان جھيڙي لاءِ ماڻھو گھرايل آھن.
خدارا ھن سموري مسئلي تي ٿورڙي نظر ڪيو ۽ انساني شعور ھمدردي ڏيکاري ٻين جي نياڻين کي پنھنجي اولاد جيان سوچي جھيڙو ختم ڪرايو ۽ وڌڻ نـ ڏيو ھي ڪچو نـ آھي پڪو آھين اسين سڀ پڙھيا لکيا آھيون.
نوجوانن کي وري به اپيل آھي تـ سوين مريض گھرن تائين آھن اسپتالن جا رستا بـ بند آھن مسافر مھمان سڀ پريشان آھن ھن جھيڙي ۾ ٻنھي ڌرين جون عورتون اسپتالن تائين ھنجا بيمار ٻچڙا نـ پيون کڻي اچي سگھن خدارا سولنگي جاگيراڻي ٻنھي ڌرين جا نوجوان سوشل ميڊيا تي ۽ پنھنجي والدين کي ايلاز ڪيو ۽ مثبت ڪردار ڪيو تـ جيئن هي جھيڙو ختم ٿي وڃي.