عھدي تان رٽائر ٿيندڙ اسرائيلي فوج جي انٽيليجنس چيف هارون هاليوا ملڪي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ ناڪامي تي عوام کان پنھنجي ڪوتاھي تي معافي گهري ورتي آهي. ملڪ جي سياسي قيادت ۽ اعليٰ حڪومتي عهديدارن اڄ تائين ائين نه ڪيو آهي.
اسرائيلي ملٽري انٽيليجنس جي سبڪدوش ٿيندڙ چيف ميجر جنرل هارون هاليوا اھڙي معافي اربع ڏينھن تي اسرائيلي عوام کان ورتي.ڇاڪاڻ جو چيف ھوندي ھو، حماس جي 7 آڪٽوبر تي ٿيل دهشتگرد حملي کان اسرائيل کي بچائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ھو.جنھن تي ھن پنھنجي اداري جي لاءِ عوام کي معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي آھي.
اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل هڪ وڊيو مطابق، پنھنجي عھدي تان لھندڙ ڳجھي اداري جي چيف ھارون اھو پهريون اعليٰ عهديدار آھي. جنهن عوامي سطح تي معافي جي اپيل ڪئي. ھڪ تقريب ۾ ھن چيو ته ”اسان پنهنجي حلف جي تقدس کي برقرار رکي نھ سگھياسين“
7 آڪٽوبر تي جڏهن غزه جي ويڙهاڪن ڏکڻ اسرائيلي آبادين ۽ فوجي اڏن، ميوزڪ فيسٽيول تي حملو ڪو ھو تھ ” اھو هڪ تلخ ۽ ڪارو ڏينهن هو، هارون چيو ته اھو مسلسل منھنجي ڪلهن تي ھڪ بار بڻيل رھيو “ميجر جنرل هارون هاليوا جي لفظن ۾ "اڪيلي معافي ڪافي نه هوندي. مان انهن زخمن ۾ مرهم تھ نه ٿو ڀري رکي سگهان، جن پنهنجن پيارن کي وڃائي ڇڏيو، جن وڏي قيمت ادا ڪئي. پر مان اهو ضرور چئي سگهان ٿو. مان پنهنجي طرفان ۽ پوري انٽيليجنس ونگ جي طرفان معافي گهران ٿو.“
تقريب ۾ پنهنجي خطاب ۾ ميجر جنرل هاليوا چيو ته انٽيليجنس جي ناڪامي منهنجي غلطي هئي.“ ميجر جنرل هارون هاليوا 38 سالن تائين اسرائيلي فوج جو حصو رهيو ۽ فوج ۾ ”بزرگ“ جي حيثيت رکي ٿو. پنهنجي خامين کي تسليم ڪندي، هن اپريل ۾ پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪيو ھو. "اسان هن خوفناڪ حملي کي روڪڻ جي قابل نه هئاسين،”
ھن چيو تھ7 آڪٽوبر تي حماس جو حملو اسرائيلي تاريخ جو بدترين حملو هو. جنهن اسرائيل ۽ ان جي سيڪيورٽي سسٽم کي ڌڪي ڇڏيو. اسرائيل طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ان حملي ۾ 1200 اسرائيلي مارجي ويا جڏهن ته 250 جي لڳ ڀڳ اسرائيلي حماس جي فوجي ونگ القسام برگيڊز يرغمال بڻايا هئا. انهن مان هڪ سئو کان وڌيڪ اڃا تائين القسام برگيڊ وٽ آهن ۽ مبينا طور تي اڃا تائين غزه ۾ آهن.
اسرائيلي سياسي قيادت اڃا تائين معافي نه ورتي آهي اسرائيلي فوج جي سربراهه هرزي هاليوي ۽ڳجھي اداري شن بيٽ،جي چيف رونن بار ٻنهي پنهنجي ناڪامين جو اعتراف ڪيو ھو پر جنگ دوران کين گهر نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيوويو ھو.
جيتوڻيڪ اسرائيل جي فوجي قيادت پنهنجي غلطي ۽ ناڪاميءَ جو اعتراف ڪري ورتو، پر سياسي قيادت ڪڏھن ائين نھ چيو آھي بلڪه سموري ذميواري فوجي قيادت تي وجهي ڇڏي آھي. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو ڪڏهن به رسمي طور تي حماس جي حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي معافي نه ورتي آهي. سمجھيو ٿو وڃي تھ 1948 ۾ اسرائيل جي قيام کان پوءِ ھي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ حملو آهي. اسرائيلي فوج جي چيف ميجر جنرل شلومي بيندر کي هارون هاليوا جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي.