ميونسپل ٽيڪس: شهري ڪچرو کڻي ڪي اليڪٽرڪ آفيس پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بجلي جي ستائل شهرين پاران ميونسپل ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ شامل ڪرڻ تي انوکو احتجاجي مظاهرو سامهون آيو آهي. بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس تي ڪراچي جي عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿي وئي آهي. هڪ شهري ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس آڏو ڪچرو کڻي پهچي ويو ۽ پنهنجو انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. شهري جو چوڻ آهي ته منهنجي هن مهيني جي بل ۾ ڪي ايم سي 400 رپيا وصول ڪري ٿي، هر مهيني ڪچرو کڻندڙ به 200 کان 300 رپيا وٺي ٿو. جڏهن ڪي اليڪٽرڪ آفيس کان پڇيو ويو ته هنن چيو ته هي ڪي ايم سي جا چارجز آهن. شهري سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪي ايم سي پاران ڪي اليڪٽرڪ چارجز وٺي رهي آهي ته پوءِ ڪچرو ڪير کڻندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.